Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

    واقعو هيئن ٿيو ته هڪ ڀيرو شيطان انساني روپ ۾ بَرصيۡصا وٽ آيو ۽ سندن جي عبادت گاھ جي ڀرسان بيهي شيطان ان کي آواز ڏنو، بَرصيۡصا چيو؛ جيڪو الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ چاهي ٿو، ان کي ڪنهن دوست جي ضرورت ناهي. بَرصيۡصا جو جواب ٻڌي ڪري شيطان سندس عبادت گاھ جي ٻاهران خيمو لڳائي ڇڏيو.

هاڻي اُن بدبخت جي ڀٽڪائڻ جو انداز ڏسو! شيطان 3 ڏينهن تائين هن عبادت گاھ جي ٻاهران مسلسل عبادت ڪئي، ان دوران هن نه ننڊ ڪئي، نه ئي ڪجھ کاڌو پيتو. ڇوته هي انساني شڪل ۾ هو ۽  بَرصيۡصا کيس انسان ئي سمجهي رهيو هو، جيئن ته هو اُن جي عبادت ڏسي ڪري تمام گهڻو متاثر ٿيو، بَرصيۡصا پڇيو: مون کي عبادت ڪندي 2 سو سال ٿي ويا آهن پر اڃا تائين هي رتبو ناهي مليو، مون کي سمهڻ جي به ضرورت پئي ٿي، کائڻ پيئڻ جو به محتاج آهيان، (ڪاش! مان به تو وانگر عبادت ڪري سگهان...!! توکي هي مرتبو ڪيئن مليو؟)

شيطان چيو: اصل ۾ ڳالھ هي آهي ته مون کان هڪ گناھ ٿي ويو هو، جڏهن مون کي اهو گناھ ياد ايندو آهي ته منهنجي هي ڪيفيت ٿي ويندي آهي، پوءِ مون کي نه بُک لڳندي آهي، نه ئي اُڃ لڳندي آهي، نه ئي ننڊ ايندي آهي. تو ڇو ته ڪڏهن ڪو گناھ ڪيو ئي ناهي تنهنڪي تنهنجي اها ڪيفيت ناهي، جيڪڏهن تون مون جهڙو ٿيڻ چاهين ٿو ته هڪ گناھ ڪر، پوءِ توتي خوفِ خدا غالب ٿي ويندو ۽ تون به مون وانگر کائڻ پيئڻ کانسواءِ عبادت ڪري سگهندين. بَرصيۡصا چيو: مون جنهن ربّ ڪريم جي ايتري عرصي تائين عبادت ڪئي آهي، هاڻي مان ان جي نافرماني ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ شيطان چيو: انسان جڏهن گناھ ڪندو آهي ته معافي جي طرف وڌندو آهي(الله پاڪ کان ڊڄي ڪري ان جي بخشش جو سوالي بڻجندو آهي، لهٰذا هي ڪيفيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ گناھ ڪرڻو ئي پوندو)

 شيطان جون اهي ڳالهيون ٻُڌي ڪري بَرصيۡصا لالچ ۾ اچي ويو ۽ چيائين: