Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

  ڀلا ٻڌايو ته ڪهڙو گناھ ڪيان؟ شيطان چيو: زنا ڪر. بَرصيۡصا  انڪار ڪيو. شيطان چيو: ڪنهن کي قتل ڪر! بَرصيۡصا ان تي به راضي نه ٿيو! شيطان چيو: هلو ڀلا شراب پيءُ! اُن تي بَرصيۡصا راضي ٿي ويو. اُن شراب خريد ڪيو، اُن کي پيتائين، هاڻي هُو نشي ۾ مست ٿي ويو، اُن نشي جي حالت ۾ زنّا به ڪئي ۽ ناحق قتل جو گناھ به ڪري ويٺو. جڏهن هن اهڙا سنگين ڏوھ ڪيا ته اُن کي گرفتار ڪري ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ان کي ڦاهي جي تختي تي لٽڪايو ويو، تڏهن شيطان ان جي ويجهو آيو ۽ چيائين: مان توکي ڇڏائي سگهان ٿو، بس منهنجي هڪ ڳالھ مڃ! الله پاڪ جو انڪار ڪري مون کي سجدو ڪر! افسوس! بَرصيۡصا جنهن گناهن کان بچي ڪري 200 سال عبادت ۾ گذاريا اهو شيطان جي ڄار ۾ ڦاسي ويو ۽ اُن شيطان کي سجدو ڪيو، جيئن اُن هي ڪفر ڪيو، اُنهي وقت اُن کي موت اچي ويو ۽ هي بدبخت ايمان کان ڦري ڪري، مُرتد ٿي دنيا مان هليو ويو..!![1] 

   اي عاشقانِ رسول!  ڊڄڻ جو مقام آهي، افسوس! خوف جي ڳالھ آهي، جڏهن 200 سال عبادت ۾ گذارڻ، هڪ به گناھ نه ڪرڻ واري جو اهڙو دردناڪ انجام ٿيو ته اسان جيڪي گنهگار آهيون، اسان کان ڏينهن رات نه ڄاڻ ڪهڙا ڪهڙا گُناھ ٿين ٿا، اسان پنهنجي انجام کان بي فڪر ڪيئن ٿا رهي سگهون...!!

مجھے ایسے عمل کی دے توفیق                                                                                         کہ ہو راضی تری رضا یاربّ!

تو حسنؔ کو اٹھا حسن کر کے                                                                  ہو مع الخیر خاتمہ یارب!([2])

جنهن کي ايمان جي بربادي جو خوف نه هوندو...!!

    پيارا اسلامي ڀائرو! ڪاش! ايمان جي سلامتي جي مدني سوچ نصيب ٿي وڃي، صد ڪروڙ ڪاش! هر وقت بُري خاتمي جي خوف سان دل گهٻرائيندي


 

 



[1] سلوۃ العارفین، باب الخوف سوء الخاتمہ، جلد:2، صفحہ:166ـ168۔

[2]...ذوقِ نعت، صفحہ:85ـ87 ملتقطاً۔