Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

قرآنِ پاڪ جي هڪ خوبصورت تعليم

 پيارا اسلامي ڀائرو! شبّ قدر ڇوته قرآنِ ڪريم نازل ٿيڻ جي رات آهي، انهي مناسبت سان قرآنِ ڪريم جي خوبصورت تعليمات مان هڪ اهم تعليم جيڪا ڪنهن هڪ رات، هڪ مهيني، هڪ ڏينهن يا هڪ ڪلاڪ جي لاءِ نه بلڪ زندگي جي هر هر گهڙي جي لاءِ آهي، هي هڪ احساس ۽ هڪ ڪيفيت جي تعليم آهي، جنهن جي متعلق قرآنِ ڪريم اسان کي ترغيب ڏياري ٿو ته هي احساس مستقل طور تي اسان جي اندر رهڻ گهرجي، اها تعليم، اهو احساس ڪهڙو آهي؟ ٻڌو! الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّ الَّذِیْنَ لَا یَرْجُوْنَ لِقَآءَنَا وَ رَضُوْا بِالْحَیٰوةِ الدُّنْیَا وَ اطْمَاَنُّوْا بِهَا وَ الَّذِیْنَ هُمْ عَنْ اٰیٰتِنَا غٰفِلُوْنَۙ(۷) اُولٰٓىٕكَ مَاْوٰىهُمُ النَّارُ بِمَا كَانُوْا یَكْسِبُوْنَ(۸)  (پارہ:11، یونس:7،8)

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي اسان سان ملڻ جي اُميد نٿا رکن ۽ دنيا جي زندگي پسند ڪري ويٺا آهن ۽ ان تي مطمئن ٿي ويا آهن ۽ اُهي جيڪي اسان جي آيتن کان غافل آهن. انهن ماڻهن جو ٺڪاڻو انهن جي عملن جي بدلي ۾ دوزخ آهي.

هن آيتِ ڪريمه مان پوئين آيتن ۾ هن ڳالھ کي دليلن سان واضح ڪيو ويو ته هي دُنيا فاني آهي، هن دُنيا جي هر شيءِ هر گهڙي پنهنجي اختتام جي طرف وڌي رهي آهي، جلد ئي هي دنيا تباھ ۽ برباد ٿي ويندي، پوءِ قيامت قائم ٿيندي ۽ سڀني کي ربّ ڪريم جي حضور حاضر ڪيو ويندو. هي ڳالھ دليلن سان واضح ڪرڻ کان پوءِ الله پاڪ انهن آيتن (يعني آيت: 7 ۽ 8) ۾ غير مسلمن جون 4 برائيون بيان ڪيون ويون آهن (1) غير مسلم قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضري جي اُمّيد ناهن رکندا يعني * انهن جي دلين ۾ نه قيامت جو خوف آهي * نه هي جهنم کان ڊڄن ٿا، * نه ئي جنّت جو شوق رکن ٿا. هي انهن جي پهرين بُرائي هئي (2) ٻي بُرائي هي آهي ته هي ماڻهو دُنيا جي