Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

بُري خاتمي جا وڌيڪ سبب  

امير اهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه  پنهنجي رسالي ”بُري خاتمي جا سبب” ۾ ايمان برباد ٿي وڃڻ جا ٻيا به سبب لکيا آهن، مثلاً * چغلي هڻڻ بُري خاتمي جو سبب آهي * شراب پيئڻ بري خاتمي جو سبب آهي * حسد ڪرڻ (يعني ٻين وٽ نعمت ڏسي ڪري سڙڻ ۽ ان کان اها نعمت کسجڻ جي تمنّا ڪرڻ) به بري خاتمي جو سبب آهي * بدنگاهي به بُري خاتمي جو سبب آهي * فرض هجڻ جي باوجود حج ادا نه ڪرڻ * اذان ٿي رهي هجي ته ڳالهين ۾ مصروف رهڻ * ماپ تور ۾ خيانت ڪرڻ به بُري خاتمي جي اسباب مان آهن.[1]

توبه ڪري وٺو!

پيارا اسلامي ڀائرو! * اڄ توبه جي رات آهي * الله کان بخشش ۽ مغفرت طلب ڪرڻ جي رات آهي * الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيڻ جي رات آهي، الله پاڪ سان صُلح ڪري سندس سچو ۽ فرمانبردار ٻانهو بڻجڻ جي رات آهي. رَمضان المُبارڪ جي برڪتن واريون گهڙيون آهن، اَڄ توبه جي طرف رُخ ڪيو! اَڄ اسان پنهنجي سڀني گناهن کان توبه ڪيون، اڄ کان پڪي نيت ڪيون ته آئينده ڪڏهن گناھن جي طرف نه وڌنداسين * سڀئي نمازون باجماعت مسجد ۾ پڙهنداسين. * ڪوڙ به نه ڳالهائينداسين * ڪنهن کان حسد به نه ڪنداسين * پنهنجي مسلمان ڀائرن کي تڪليف به نه پڄائينداسين، * ٻين گناهن کان به هردم بچندا رهنداسين.

ڪاش! اڄوڪي رات اسان کي سچي ۽ پڪي توبه جي توفيق ملي، ڪاش! اڄ اهڙي توبه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون، جنهن کان پوءِ ڪڏهن به گناھ نه ٿين،


 

 



[1] برے خاتمے کے اسباب، صفحہ:7تا23 ملتقطاً۔