Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

آهي * هي مغفرت جي رات آهي * هي رات پنهنجي ربّ جي عبادت ڪرڻ جي رات آهي جو جيڪو ٻانهو هن رات الله پاڪ جي عبادت ڪندو آهي الله پاڪ اُن تي جنّت واجب ڪري ڇڏيندو آهي.[1] * جيڪو ٻانهو هن رات کي الله پاڪ جي عبادت ۾ گذاريندو الله پاڪ ان جي دل مُڙده نه فرمائيندو. حديث پاڪ ۾ آهي: جنهن عيدين (يعني عيدالفطر ۽ عيدالاضحيٰ) جي رات طلبِ ثواب جي لاءِ قيام ڪيو، اُن ڏينهن اُن جي دل نه مرندي، جنهن ڏينهن (ماڻهن جون) جون دليون مري وينديون.[2]  تمام عاشقانِ رسول خاص ڪري معتڪفين کي گهرجي ته هي رات مسجدن ۾ الله پاڪ جي عبادت ۾ گذرين ڇوته حضرت ابراهيم نخعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بُزرگانِ دين اعتڪاف ڪرڻ وارن جي لاءِ هن ڳالھ کي پسند فرمائيندا هئا ته عيدالفطر جي رات مسجد ئي ۾ گذارين[3]

عيد جي ڇھ روزن جي ترغيب

اي عاشقانِ رسول! رمضان المبارڪ کان پوءِ شوّالُ المُڪَرّم جي آمد آمد آهي. خوش نصيب مسلمان هن مهيني ۾ عيدالفطر کان پوءِ 6 روزا رکڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن. اچو انهن روزن جا فضائل ٻڌون ٿا ته جيئن اسان جو هي روزا رکڻ ۽ انهن جي برڪتن کان فيضياب ٿيڻ جو ذهن بڻجي، * حديث پاڪ ۾ آهي: جنهن رمضان جا روزا رکيا پوءِ ڇهه ڏينهن شوال ۾ رکيا ته گناهن کان ائين نڪري ويو جيئن اڄ ئي ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيو آهي.[4] * جنهن رمضان جا روزا رکيا وري ان کان پوءِ ڇهه شوال ۾ رکيائين۔ ته ائين آهي جيئن دهر يعني سڄي عمر جو روز رکيو.[5] * خليلِ ملّت حضرتِ علامه مولانا مفتي محمد خليل خان قادِري برڪات  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هي روزا عيد کان پوءِ لڳاتار رکيا وڃن تڏهن به حرج ناهي ۽ بهتر هي آهي ته متفرق (يعني وقفو ڪري) رکيا


 

 



[1] الترغیب و الترہیب، کتاب العیدین، الترغیب فی احیاء لیلتی العیدین، صفحہ:373، حدیث:2۔

[2] ابن ماجہ، کتاب الصیام، باب فیمن قام فی لیلتی العیدین، صفحہ:284، حدیث:1782۔

[3] فیضان رمضان،صفحہ:279، 280۔

[4] مجمع الزوائد، کتاب الصیام، باب فیمن صام  ...الخ،جلد:3، صفحہ:322،  حدیث:5102۔

[5] مسلِم، کتاب الصیام، باب استحباب صوم...الخ، صفحہ:424،  حدیث: 1164۔