Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

ان کي هڪ ٻئي صندوق ۾ رکي ڪري ۽ باهه جو قفل لڳائي ڪري باهه ۾ وِڌو ويندو ته هاڻي هر ڪافر هي سمجهندو ته ان کان سواءِ هاڻي ڪو باھ ۾ نه رهيو، ۽ هي عذاب مٿان عذاب آهي ۽ هاڻ هميشه ان جي لاءِ عذاب آهي. (بهارِ شريعت حصو پهريون ص 77، 91، 92 مخلصًا مڪتبة المدينہ ڪراچي)

موت کي ذبح ڪيو ويندو!

جڏهن سڀئي جنتي جنت ۾ داخل ٿي ويندا ۽ جهنم ۾ صرف اهي ئي رهجي ويندا جن کي هميشه جي لاءِ اُن ۾ رهڻو آهي، اُن وقت جنت ۽ دوزخ جي وچ ۾ موت کي گهيٽي جي صورت ۾ آندو ويندو، پوءِ پڪارڻ وارو جنت وارن کي پڪاريندو، اهي خوف سان ڏسندا ته ڪٿي هتان کان نڪرڻ جو حڪم نه ٿي، پوءِ جهنم وارن کي سڏيندو، اهي خوش ٿي ڏسندا ته شايد هن مصيبت مان نجات ملي وڃي، پوءِ انهن سڀني کان پڇندو ته هن کي سڃاڻو ٿا؟ سڀئي چوندا: هائو! هي موت آهي، ان کي ذبح ڪيو ويندو ۽ چوندو: اي اهل جنت! هميشگي آهي، هاڻي مرڻو ناهي ۽ اي اهلِ نار! هميشگي آهي، هاڻي موت ناهي، اُن وقت انهن(جنتين) لاءِ خوشي ئي خوشي ۽ هنن(دوزخين) جي لاءِ غم تي غم. نَسْألُ اللّٰہَ الْعَفْوَ وَالْعَافِیَۃَ فِی الدِّیْنِ وَالدُّنْیَا وَالاٰخِرَۃ يعني اسان الله پاڪ کان دين ۽ دنيا جي ڀلائيءَ جو سوال ڪيون ٿا.[1]

بُري خاتمي جا چار سبب

 ڪجهه علماءِ ڪِرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ السَّلَام فرمائن ٿا: بُري خاتِمي جا چار سبب آهن. (1) نماز ۾ سُستي (2) شراب پيئڻ (3) ماءُ پيءُ جي نافرماني  (4) مسلمانن کي تڪليف ڏيڻ. (شرح الصدور ص 27 دار الڪتب العلميہ بيروت)

توبه جا ٽي رڪن


 

 



[1] بہارِ شریعت، جلد:1، صفحہ: 171، حصہ:1۔