Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

وڃن يعني هر هفتي ۾ ٻه روزا ۽ عيد الفطر جي ٻئي ڏينهن هڪ روزو رکي وٺي ۽ پوري مهيني ۾ رکي ته اڃان به مناسب معلوم ٿئي ٿو.[1]

چنڊ رات مدني قافلن ۾ سفر جي ترغيب

پيارا اسلامي ڀائرو! رَمضانُ المُبارڪ جو مهينو هاڻي ڪجھ دير جو مهمان رهجي ويو آهي ۽ عنقريب اسان کان موڪلائڻ وارو آهي. پوءِ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! چنڊ رات جي آمد آمد ٿيندي. اَلحَمۡدُلله! هر سال اعتڪاف جي سعادت ماڻڻ وارا خوش قسمت اسلامي ڀائر ۽ ٻين عاشقانِ رسول جي هڪ تعداد”پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش” جي مقدس جذبي سان سرشار ٿي ڪري هن رات تي مدني قافلن جا مسافر بڻجندا آهن. هونئن آهي ته هي وڏو مشڪل ڪم پر ياد رکو نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ ان جي راھ ۾ مشقت برداشت ڪرڻ نبين جي سُنّت آهي. * انبياءِ ڪرام * صحابه ڪرام * نيڪ ماڻهو نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ گهرن کان نڪرندا * پري پري علائقن ۾ ويندا * هجرت ڪندا ۽ * مشقت برداشت ڪري دين جو پيغام عام ڪندا هئا. * پهرين وارن جي قربانين سان ئي اسان وٽ دين پهتو آهي.

اوهان به چنڊ رات کان مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ جي نيت ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ برڪتون ملنديون * مدني قافلي ۾ فرض علمِ دين سيکاريو ويندو آهي. * سنتون سيکاريون وينديون آهن * تهجد پڙهڻ جي سعادت ملندي آهي * نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي * قافلي جي برڪت سان دعائون قبول ٿيڻ * مشڪلات دور ٿيڻ * بيمارين کان شفا ملڻ جا به ڪيئي واقعا آهن * ايئن به ٿيو آهي ته مدني قافلي ۾ سفر


 

 



[1] سنی بہشتی زیور ،صفحہ:347۔