Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

جيڪڏهن تون اُتي رکيل ٻي پيتي ڏسين ته منهنجي پيتي کي اُن جي جاءِ تي رکي ڇڏجان ۽ ان پيتي کي پاڻ سان کڻي گرجا گهر رکجان ۽ مون سان جيڪو معاملو ڪرڻ توتي واجب آهي اهو ئي ان سان ڪجان(يعني غير مسلمن جي طريقي تي دفن ڪرڻ). جڏهن 3 ڏينهن گذري ويا ته سندس چهرو خوشي مان ٻهڪي رهيو هو، ڪلمو شريف پڙهي ڪري مسلمان ٿي انتقال ڪري ويو. پوءِ مون سندس حڪم جي مطابق عمل ڪيو ۽ اُن کي هتي کڻي آيس.(اهو بزرگ فرمائي ٿو ته) جيڪا پيتي اهي ماڻهو کڻي آيا هئا مون ان کي کنيو ۽ گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ رکي ڪري کولي ڏٺو ته اُن ۾ هڪ اهڙو بُزرگ هو، جنهن جي چهري تي نور جي بارش وسي رهي هئي، سندن سڀئي وار اڇا هئا. مون ان کي پيتي مان ڪڍيو ۽ فقراء سان ملي ڪري کيس غسل ڏنو، اسان ان جي جنازي جي نماز پڙهي ۽ هڪ ڪنڊ ۾ دفن ڪري ڇڏيو. اهو ڏينهن شاهد آهي ته مان جڏهن به ٻاهر نڪرندو آهيان ته منهنجي چهري تي بُري خاتمي جي خوف سان غم جا ڪڪر وسڻ لڳندا آهن. منهنجو ماڻهن کان الڳ رهڻ جو سبب اهو ئي آهي.[1]   

شيطان عزيزن جي روپ ۾ ايمان تي ڌاڙو هڻندو.......!!

پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا ۾ اچڻو هو سو اسان اچي وياسين پر دنيا مان ايمان کي سلامت کڻي وڃڻ جي لاءِ سخت دشوار گذار گھاٽين مان گذرڻو پوندو ۽ پوءِ به ڪا خبر ناهي ته خاتمو ڪهڙو ٿيندو! افسوس! افسوس!! افسوس!موت جي وَقت ايمان کسڻ جي لاءِ شيطان طرح طرح جون چالون هلندو آهي ايستائين جو ماءُ پيءُ جو رُوپ ڌاري به ايمان تي ڌاڙو هڻندو آهي ۽ ڪڏهن مرڻ واري جي سامهون سڪرات جي وقت ان جي پيارن جي صورت اپنائي ايندو آهي ۽ يهود ونصاريٰ کي دُرُست ثابِت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري مرڻ واري کي يهودي يا نصراني مذهب اختيار ڪرڻ جو چوندو آهي ته ڪڏهن ايمان کسجڻ جي ڪا ٻي چال هلندو آهي۔ يقيناً اهو اهڙو نازُڪ موقعو هوندو ته بس جنهن تي الله پاڪ


 

 



[1] الروض الفائق، المجلس الثانی فی قولہ تعالیٰ...الخ، صفحہ:18۔