Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

جاڳائيندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون ملنديون * صبح صبح نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو. * اوهان جي جاڳائڻ سان جيترا ماڻهو نماز پڙهندا، انهن سڀني جي نمازن جو ثواب انهن کي به ملندو ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اوهان جي اعمالنامي ۾ به لکيو ويندو * صبح صبح پيادل هلڻ جو موقعو ملندو ته صحت به چڱي رهندي. * هڪ اهم فائدو هي به آهي ته مسجد جي رونق وڌي ويندي، هڪ اسلامي ڀاءَ جو بيان آهي ته: اسان سردين ۾ فجر جي لاءِ جاڳائڻ شروع ڪيو ته ايترا نمازي وڌيا جو مسجد جي ورانڊي ۾ شاميانا لڳائڻا پئجي ويا

سُبْحٰنَ اللہ!. ڪا مشڪل ناهي، جماعت جي وقت کان پهريان 20، 25 منٽ پهريان اٿي وڃو! نماز فجر جي لاءِ ته وڃڻو ئي آهي، صدا لڳائيندا وڃو! مسجد به پڄي ويندا ۽ الله پاڪ جي فضل سان نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب  به ملي ويندو. نيت ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  فجر جي نماز جي لاءِ جاڳائيندس.

 مديني جي حاضري جي سعادت نصيب ٿي وئي

   پنجاب جي علائقي اِلٰه آباد (ضلعي قصور) جي رهاڪو هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: الحمد لله! مان دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ته هيس پر ديني ڪمن جي معاملي ۾ سُستي جو شڪار هيس، هڪ ڏينهن هڪ ذميدار اسلامي ڀاءُ مونکي سمجهائيندي ديني ڪم ڪرڻ ۽ بطورِ خاص نمازِ فجر جي لاءِ مسلمانن کي جاڳائڻ واري ديني ڪم جي خوب پابندي ڪرڻ جي ترغيب ڏياري، الحمد لله! منهنجو ذهن بڻجي ويو ۽ مان ايندڙ ڏينهن ئي ان تي عمل شروع ڪري ڇڏيو. فجر جي لاءِ مسلمانن کي جاڳائڻ ته ڇا شروع ڪيو، الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪرم ٿي ويو، قسمت جو تارو ايئن چمڪيو جو انهيءَ سال مونکي مديني پاڪ جي حاضري جي سعادت نصيب ٿي وئي، ڪرم مٿان ڪرم هي به ٿيو ته منهنجي وڏي ڀاءُ کي به حج جي سعادت