Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

* افسوس! جيڪڏهن مان پنهنجو ايمان سلامت کڻي ڪري دنيا مان نه وڃي سگهيس ته منهنجو ڇا بڻبو...!! مان ڪيڏانهن ويندس؟ ڪنهن جي در جو سهارو وٺندس.....؟

کس کے در پر میں   جاؤں   گا مولیٰ                     گر تُو ناراض ہوگیا یارب!

وقتِ رِحلَت اب آگیا مولیٰ                       جلوۂ مصطَفٰے دکھا یارب!

قبر میں   آہ! گُھپ اندھیرا ہے                      روشنی ہو پئے رضا یارب!

نورِ احمد سے قبر روشن ہو                           وَحشَتِ قبر سے بچا  یارب!([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

ڪاش! اهو خوش نصيب مان ئي هجان ها....!!

 پيارا اسلامي ڀائرو! ٻين جو انجام ڪهڙُو ٿيندو؟ مون سان گڏ ويٺل شخص جي باري ۾ الله پاڪ جي خُفيه تدبير ڇا آهي؟ ان جي باري ۾ فڪر ڪرڻ جي مون کي ضرورت ناهي، مون کي ته هي سوچڻو آهي ته منهنجو انجام ڇا ٿيندو؟ منهنجي باري ۾ الله پاڪ جي خُفيه تدبير ڪهڙي آهي؟ اسان جا بُزرگانِ دين اهڙائي هئا. مشهور وليُّ الله حضرت امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي باري ۾ اچي ٿو، پاڻ هڪ ڀيرو هڪ حديث شريف بيان ڪئي، جنهن ۾ سڀني کان آخري جنّتي جو ذڪر هو، مضمون ڪجھ هن طرح هو ته جڏهن سڀئي جنتي جنّت ۾ ۽ سڀئي جهنمي جهنم ۾ پهچي ويندا ته سڀني کان آخر ۾ هڪ شخص کي جهنم مان ڪڍي ڪري جنّت ۾ داخل ڪيو ويندو.

امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جڏهن هي روايت بيان ڪئي ته تڙپي ڪري فرمايائون: ڪاش! اهو آخري جنّتي مان ئي ٿي وڃان...!! ماڻهن پڇيو: سائين!


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:80۔