ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

اوهان ايئن ڇو چئي رهيا آهيو؟ فرمايائون: ڇو ته اُن جهنمي جو جهنم کان آزاد ٿيڻ ۽ جنّت ۾ پڄڻ يقيني آهي.[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! هي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها آهن، ٿورو اندازو لڳايو ته هي ڪهڙي طرح الله پاڪ جي خُفيه تدبير کان ڊڄندا هئا، ڪاش! اسان کي به خُفيه تدبير جو خوف نصيب ٿي وڃي، ڪاش! پنهنجي انجام جي فڪر اسان کي ميسر اچي وڃي.

گناہوں سے توبہ کی توفیق دے دے                ہمیں نیک بندہ بنا یاالٰہی!

رہے خوف ہر دم بُرے خاتمے کا                  ہو ایمان  پر  خاتمہ  یاالٰہی!([2])

ايمان تي موت جي ڪنهن وٽ ضمانت ناهي

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جو ڪروڙين ڪروڙ احسان آهي جو ان اسان کي انسان بڻايو ۽ مسلمان ڪيو، پنهنجي پياري حبيب، دِلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو دامَنِ ڪرم اسان جي هٿن ۾ ڏنو، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان مسلمان آهيون پر اسان مان ڪنهن وٽ هن ڳالھ جي ڪا ضمانت ناهي ته هُو مرڻ گھڙي تائين مسلمان ئي رهندو، جهڙي طرح بي شُمار ڪافر خوش قسمتي سان مسلمان ٿي ويندا آهن، اهڙي طرح ڪجھ بدنصيب مسلمانن جو مَعَاذَ الله! اِيمان کان ڦري وڃڻ به ثابِت آهي. افسوس! جيڪو اِيمان کان ڦري يعني ڪافِر ۽ مُرتَد ٿي مرندو، اهو هميشه هميشه جي لاءِ دوزَخ ۾ رهندو۔ سيپاري: 2، سوره بقره، آيت:217 ۾ ارشاد  ٿئي ٿو:

وَ مَنْ یَّرْتَدِدْ مِنْكُمْ عَنْ دِیْنِهٖ فَیَمُتْ وَ هُوَ كَافِرٌ فَاُولٰٓىٕكَ حَبِطَتْ اَعْمَالُهُمْ فِی الدُّنْیَا وَ الْاٰخِرَةِۚ-وَ اُولٰٓىٕكَ اَصْحٰبُ النَّارِۚ-هُمْ فِیْهَا خٰلِدُوْنَ(۲۱۷)