Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

ترجموڪنزلايمان: ۽ توهان مان جيڪو پنهنجي دين کان ڦري وڃي پوءِ ڪافر ئي مري وڃي ته انهن ماڻهن جا سڀ عمل دنيا ۽ آخرت ۾ برباد ٿي ويا ۽ اهي دوزخ وارا آهن اهي ان ۾ هميشه رهندا.

ایماں پہ ربِّ رحمت، دیدے تو استِقامت

دیتا ہوں واسِطہ میں تجھ کو تِرے نبی کا

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

خبر ناهي اسان جو خاتمو ڪيئن ٿئي!

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اولادِ آدم مختلف طبقات تي پيدا ڪئي وئي، انهن مان * بعض مومن پيدا ٿيا ايمان جي حالت تي زنده رهيا ۽ مومن ئي مرندا، * بعض ڪافر پيدا ٿيا ڪفر تي زنده رهيا ۽ ڪافِر ئي مرندا، * بعض مومِن پيدا ٿيا مومِناڻي زندگي گذاري ۽ ڪفر جي حالت تي مُئا، ۽ * بعض ڪافِر پيدا ٿيا، ڪافر زندھ رهيا ۽ مومِن ٿئي مرندا۔ (ترمذی،کتاب الفتن،باب ما اخبر النبی الخ،۴/ ۸۱،حدیث: ۲۱۹۸)

نيڪ انسان غيرمسلم ٿي مري ويو

حضرت امام اَبومُحَمَّد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: 3 پرهيزگار حج جي ارادي سان صرف الله پاڪ تي ڀروسو رکي ڪري بغير کائڻ پيئڻ جو سامان ساڻ کڻڻ جي بيت الله شريف روانا ٿيا. رستي ۾ انهن غير مسلمن جي هڪ بستي ۾ قيام ڪيو، ٽنهي(پرهيزگارن) مان هڪ جي نظر هڪ خوبصورت غيرمسلم عورت تي پئي ته سندس دل ان جي طرف مائل ٿي وئي، جڏهن ٽنهي سفر جو ارادو ڪيو، ان حيلا بهانا ڪري نٽائي ڇڏيو ۽ پاڻ اُتي ئي ويهي رهيو، سندس ٻئي سفر جا ساٿي هليا ويا ۽ اُن کي بستي ئي ۾ ڇڏي ڏنائون، هاڻي اُن پنهنجي دل جي ڳالھ اُن عورت جي والد سان ڪئي، اُن چيو: هن جو مهر تنهنجي لاءِ تمام گهڻو ڳرو آهي تون ان جي طاقت نٿو رکين، ان پڇيو: ڇا