ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

رهي، ڏينهن ۾ هرهر توبه ۽ استغفار جو سلسلو رهي. الله پاڪ جي درٻار مان ايمان جي حفاظت جي خيرات گهرڻ جي توفيق ملندي رهي. تشويش ۽ سخت تشويش جي ڳالھ اها آهي ته جهڙي طرح دُنيوي دولت جي حفاظت جي مُعامَلي ۾ غفلت مالي نقصان جو سبب بڻجي سگھي ٿي اهڙي طرح بلڪ ان کان به گھڻو سخت مُعامَلو ايمان جو آهي۔ ملفوظات اعليٰ حضرت ۾ آهي: عالم سڳورا فرمائن ٿا: جنهن کي ايمان جي کسجي وڃڻ جو خوف نه هجي مرڻ وقت اُن جو ايمان کسجي وڃڻ جو انديشو آهي۔( ملفوظات اعلی حضرت،ص۴۹۵)

زندَگی اور موت کی ہے یا الہٰی کشمکش

جاں چلے تیری رِضا پر بے کس و مجبور کی([1])

باهه جا صندوق

پيارا اسلامي ڀائرو! جنهن به بدنصيب جو ڪفر تي خاتمو ٿيندو ان کي قبر ايڏو زور ڏيندي جو ٻئي پاسراٽيون پاڻ ۾ ملي وينديون. ڪافر جي لاءِ ان جهڙا ٻيا به دردناڪ عذاب هوندا. قيامت جو پنجاهه هزار ساله ڏينهن ڏاڍو مشڪلاتن ۾ گذرندو، پوءِ ان کي منهن ڀر گهلي جهنم ۾ اڇلايو ويندو. جيڪي گنهگار مسلمان جهنم ۾ داخل ٿيا هوندا جڏهن انهن کي ڪڍيو ويندو ۽ دوزخ ۾ رُڳو اهي ئي ماڻهو رهجي ويندا جن جو ڪفر تي خاتمو ٿيو هيو. بهار شريعت ۾ آهي: پوءِ آخر ۾ ڪافرن جي لاءِ هي هوندو جو ان جي قد جي برابر باهه جي صندوق ۾ ان کي بند ڪيو ويندو، پوءِ ان ۾ باهه کي تپايو ويندو ۽ باهه جو قفل (يعني تالو)  لڳايو ويندو، پوءِ اهو صندوق باهه جي ٻئي صندوق ۾ رکيو ويندو ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ باهه ٻاري ويندي ۽ ان ۾ به باهه جو قفل(تالو) لڳايو ويندو، پوءِ اهڙيءَ طرح


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:96۔