ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

اُن عارضي ۽ فاني زندگي کي پسند ڪري ويٺا آهن، (3) هي ان دنياوي زندگي تي مطمئن آهن. (4)  هي ماڻهو الله پاڪ جي آيتن کان غافل آهن. انهن جي اُن چار بُرائين جو انجام هي آهي ته آخرت ۾ انهن جو ٺڪاڻو جهنم هوندو.[1]

جهنم ۾ وٺي ويندڙ 2 برائيون

پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ ڪريمه ۾ هڪ اهم ڳالھ جنهن جي طرف اسان جو ڌيان ڇڪايو ويو آهي، اها هي آهي ته هن دُنيا جي زندگي تي راضي ٿي وڃڻ، پنهنجي موجوده حالت تي مطمئن ٿي وڃڻ، هي گمان پنهنجي دل ۾ ويهارڻ ته جيئن مان هاڻي آهيان. ايئن ئي رهندس، هي غير مسلمن جو طريقو آهي، هڪ مسلمان جي هي شان آهي ته * ان جي دل ۾ قيامت جو خوف هوندو آهي * اهو جهنم کان ڊڄندو آهي * قبر ۾ * آخرت ۾ پڪڙ ٿيڻ کان ڊڄندو آهي * اهو ڪڏهن به الله پاڪ جي خفيه تدبير کان بي خوف ناهي ٿيندو. * پنهنجي موجوده حالت کان مطمئن ٿي ڪري اهو هي گمان ڪري ته مان جيئن آهيان ايئن ئي رهندس، ايئن ناهي ٿيندو.

 پر افسوس! اسان جي حالت خراب آهي، الله پاڪ جي خفيه تدبير جو خوف اسان جي دلين مان نڪري ويو آهي، هن دنيا جي زندگي تي قناعت اسان جي دلين ۾ ويهي رهي آهي، افسوس! اسان کي آخرت جي فڪر ناهي ٿيندي * مون کي دنيا جو مال ملي وڃي، ان جي ڪوشش ته ڏينهن رات ڪئي ويندي آهي پر قيامت جي حساب ۾ ڪاميابي ملندي يا نه ملندي، ان جي ڪا فڪر ناهي * ڪجھ سؤ يا ڪجھ هزار روپين جو نقصان ٿي وڃي ته ڪلاڪن تائين پريشاني رهندي آهي پر گناھ ٿي ويندو آهي، اهو گناھ اسان کي جهنم جي عذاب ۾ گرفتار ڪري سگهي ٿو، ان تي ٿوري به پريشاني ناهي ٿيندي * ڪجھ هزار روپين جي ڪا شيءِ گم ٿي وڃي ته ڏاڍي حسرت، فڪرمندي سان


 

 



[1] صراط الجنان، پارہ:11، سورۂ یونس، زیرآیت:7-8، جلد:3، صفحہ:287-288 بتغیر۔