ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

الله پاڪ جي خُفيه تدبير کان ڊڄندا رهو!

  حضرت عبدالله مُوصَلي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اسان جي زماني ۾ هڪ غمزده شخص هيو، جنهن کي قَضِيۡبُ البَان(يعني واڻ نالي وڻ جي ٽاري) جي نالي سان سڏيو ويندو هو. سندن احترام ۽ رُعب ۽ دٻدٻي جي ڪري ساڻس ڪوبه ڳالهائڻ جي جرائت نه ڪندو هو. هُو تمام گهڻو روئندو هو. تقدير مونکي اُن شخص جي اڪيلائي ۾ وٺي وئي ته مون ان کان پڇيو: اي منهنجا محترم! اُن ذات جو قسم جنهن اوهان کي پنهنجي ذات کان سواءِ هر شيءِ کان بي پرواھ ڪري ڇڏيو آهي! اوهان جي غم ۽ ماڻهن کان جُدا رهڻ جو سبب ڇا آهي؟ اُن مون کي ڏٺو ۽ تمام گهڻو رُنو پوءِ اُن جو رنگ بدلجي ويو ۽ هُو بيهوش ٿي ويو. مون کي گمان ٿيو ته هُو وصال ڪري ويو آهي. بهرحال جڏهن اُن کي هوش آيو ته مون ڳالهين ئي ڳالهين ۾ اُن کي مانوس ڪري ڇڏيو ۽ اُن کي مُخاطب ڪري سندس دل وندرائي ۽ اُن کي قسم ڏئي ڪري سندس حالت جي باري ۾ پڇيو ته هُو روئندي پنهنجو واقعو بيان ڪرڻ لڳو ته: مان پنهنجي شيخ جي خدمت ڪندو هيس، هُو ابدال مان هو، مون 40 سال ان جي خدمت ڪئي، اهو نهايت عبادت گذار هو. اُن پنهنجي وصال کان 3 ڏينهن پهريان مون کي سڏي ڪري چيو: اي منهنجا پٽ! اي الله پاڪ جا ٻانها! منهنجو توتي ۽ تنهنجو مون تي حق آهي. ۽ توتي منهنجي تمام حقن مان هڪ هي آهي ته تون منهنجون ڳالهيون غور سان ٻڌين ۽ منهنجي وصيت کي پورو ڪرين. مون عرض ڪيو: محبت ۽ عزت سان اوهان جي وصيت پوري ڪندس. ته ان چيو: منهنجي عُمر 3 ڏينهن باقي آهي ۽ مان ڪافر ٿي مرندس. جڏهن مان مري وڃان ته مون کي ڪپڙن سميت رات جي اونداهي ۾ هڪ پيتي ۾ وجهي ڪري شهر کان ٻاهر فلاڻي جاءِ تي کڻي وڃجان ۽ سج نڪرڻ تائين اُتي ئي رڪيل رهجان، جڏهن تون ڪنهن قافلي کي ايندي ڏسين ته انهن وٽ به هڪ پيتي هوندي اهي اُن کي منهنجي پيتي جي ڀر ۾ رکي ڇڏيندا ۽ منهنجي پيتي کڻي ويندا، تون اها ٻي پيتي کڻي واپس اچي وڃجان. پوءِ اُن پيتي کي