Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

جو خاص ڪرم ۽ اِحسان ٿيندو اهو ئي ڪامياب ۽ ڪامران ٿيندو ۽ انهيءَ جو ايمان سلامت رهندو آهي۔ منهنجا آقا اعليٰ حضرت، اِمامِ اَهلسنّت، مولانا شاھ امام اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا: دمِ نَزع (يعني سڪرات جي وقت) ٻه شيطان، انسان جي ٻنهي پاسن کان اچي ويهندا آهن هڪ ان جي پيءُ جي شڪل ۾، ٻيو ماءُ جي۔ * هڪ چوندو آهي: اهو شخص يهودي ٿي مُئو تُون (به) يهودي ٿي وڃ ڇوته يهودي اتي وڏي سُک ۾ آهن۔ * ٻيو چوندو آهي: اهو شخص نصراني (ٿي دنيا مان) ويو تُون به نصراني ٿي وڃ ڇوته نصراني اتي وڏي آرام سان آهن۔( فتاوی رضویہ، ۹/۸۳)

واقعي معاملو ڏاڍو نازڪ آهي، ايمان جي بربادي جي خوف سان خوفِ خدا وارن جون دليون ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي وينديون آهن.

فکرِ مَعاش بد بلا ہَولِ مَعاد جانگُزا                      لاکھوں بلا میں پھنسنے کو روح بدن میں آئی کیوں([1])

هڪ عبادت گذار جو عبرتناڪ انجام

پيارا اسلامي ڀائرو! شيطان اسان جو کليو دشمن آهي، هي خبيث هميشه اسان کي اسان جي انجام کان غافل ڪري ڀٽڪائڻ ۽ جهنم جو حقدار بڻائڻ ۾ لڳل آهي. لعنتي شيطان ڪهڙي ڪهڙي طريقي سان ماڻهن کي ڀٽڪائي جهنم ڏانهن وٺي وڃي ٿو، هڪ سبق آموز واقعو ٻڌو!

ڪتابن ۾ لکيل آهي: بَرصيۡصاص نالي هڪ عبادت گذار هو، الله پاڪ ان کي ڊگهي زندگي عطا فرمائي هئي ۽ هي سڀني کان عليحده ٿي ڪري الله پاڪ جي عبادت ۾ مصروف رهندو هو، ان 2 سو سال اهڙي طرح گذاريا جو هڪ گهڙي جي لاءِ به ڪو گناھ نه ڪيو. ان جا 60 هزار شاگرد هئا ۽ سڀني کي ان جو اهڙو فيضان مليو هيو هو جو اهي هوا ۾ اڏامندا هئا. پر افسوس! الله پاڪ جي خفيه تدبير اُن تي غالب آئي ۽ هي غيرمسلم ٿي دنيا مان هليو ويو.


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:97۔