Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

الله! الله! خبر پئي، الله پاڪ جي عذاب کان، ان جي پڪڙ کان، ان جي خفيه تدبير کان بي خوف ٿي وڃڻ نقصان کڻڻ وارن جو طريقو آهي.

سدا خفیہ تدبیر سے ربّکی ڈرنا                        سنو! آخرت کا اِسی میں بھلا ہے([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 

70 پرهيزگارن جو عبرتناڪ انجام

حضرت وهب بن مُنَبه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بني اسرائيل ۾ پرهيزگار(يعني دنيا کان بي رغبتي رکڻ وارا نيڪ ماڻهو هئا)، اُن زماني ۾ انهن جهڙو نيڪ ٻيو ڪوبه نه هو، الله پاڪ اُن زماني جي نبي عَلَيۡهِ السَّلَام جي طرف وحي  فرمائي ته هي 70 پرهيزگار دنيا مان ڪافر ٿي مَرندا. ان نبي عَلَيۡهِ السَّلَام حيرت مان پڇيو: ياالله پاڪ! ان جو ڇا سبب آهي؟ (هي ته ظاهر ۾ تمام نيڪ آهن، دنيا کان بي رغبتي رکن ٿا، نيڪين تي نيڪيون ڪن ٿا، پوءِ انهن جو انجام اهڙو ڇو ٿيندو؟) الله پاڪ فرمايو: انهي ڪري جو هي پنهنجي انجام کان بي فڪر ٿي ويا آهن.[2]  

الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! نيڪ ماڻهو آهن، دنيا کان بي رغبتي رکڻ وارا آهن، سندن زماني ۾ انهن جهڙو عبادت گذار ٻيو ڪوبه نه هو پر افسوس! انهن جو انجام ڀيانڪ ٿيو...!! ڇو؟ انهي ڪري جو هي بي فڪر ٿي ويا هئا، سندن دلين ۾ هي احساس اچي ويو هو ته اسان جهڙي حالت ۾ آهيون، هميشه اُنهيءَ حالت ۾ رهنداسون، رڳو انهن جو هي اطمينان، انهن جي هي بي فڪري، الله پاڪ جي خُفيه تدبير کان بي خوفي هئي جنهن جي سبب هي هلاڪ ٿي ويا.