Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

ڪاش! اسان جو ايمان سلامت رهي ۽ اسان دنيا ۾ ته مسلمان آهيون، ڪاش قبر جي اندر به مسلمان رهي ڪري ئي لهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.

چڱي خاتمي جي لاءِ مدني گل

امير اهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه  لکن ٿا: حُجَّةُ الۡاسلام حضرتِ سيّدُنا امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بُري خاتمي کان امن چاهيو ٿا ته پنهنجي سڄي زندگي الله پاڪ جي اطاعت ۾ گذاريو ۽ هر گناهه کان بچو، ضروري آهي جو توهان تي عارفين(يعني بزرگانِ دين) جهڙو خوف غالب رهي ايسيتائين جو ان جي سبب توهان جو روئڻ گهڻو ٿي وڃي ۽ توهان هميشه غمگين رهو. اڳتي هلي وڌيڪ فرمائن ٿـا: توهان کي چڱي خاتمي جي تياريءَ ۾ مشغول رهڻ گهرجي. هميشه الله جي ذڪر ۾ لڳل رهو، دل مان دنيا جي محبت ڪڍي ڇڏيو، گناهن کان پنهنجي عضون بلڪه دل جي به حفاظت ڪريو، جيتريقدر ٿي سگهي بُرن ماڻهن کي ڏسڻ کان به بچو جو ان سان به دل تي اثر پوندو آهي ۽ توهان جو ذهن ان طرف مائل ٿي سگهي ٿو. (احياءُ العلوم ج 4 ص 221، 219 ملخصًا دار صادر بيروت)

مسلماں ہے عطارؔ تیری عطا سے

ہو  ایمان   پر   خاتِمہ  یا  الہٰی

ايمان تي خاتمي جا چار وِرد

هڪ شخص بارگاههِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيو منهنجي لاءِ ايمان تي خاتمي جي دعا ڪيو. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جي لاءِ دعا فرمائي ۽ ارشاد فرمايو: