Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

الٰہی! میں تیری عطا مانگتا ہوں                     کرم کی مغفرت کی دعا مانگتا ہوں

بچانا برے خاتمے سے بچانا                       میں ایمان پر خاتمہ مانگتا ہوں([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

خفيه تدبير کان بي خوفي ڪبيره گناهه آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! الله پاڪ جي خُفيه تدبير کان بي خوفي(يعني پنهنجي موجوده حالت تي مطمئن ٿي وڃڻ) تمام گهڻو نقصانڪار آهي. صحابي رسول عمار بن ياسر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: * الله پاڪ جي رحمت کان مايوس ٿي وڃڻ * الله پاڪ جي مدد کان نااُمّيد ٿي وڃڻ * ۽ پنهنجي پاڻ کي الله پاڪ جي خُفيه تدبير کان محفوظ سمجهڻ ڪبيره گناهن مان سڀني کان وڏا گناھ آهن.[2]

ملائڪن ۽ شيطان جي انداز ۾ فرق

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان وٽ عجيب نفسيات پاتي وڃي ٿي. * اسان جڏهن ڪا عبرتناڪ شيءِ ڏسندا آهيون * ڪا خوف واري ڳالھ ٻڌندا آهيون * جڏهن جهنم جي عذابن جو ذڪر ٿيندو آهي * الله پاڪ جي خفيه تدبير جي باري ۾ روايتون ٻڌايون وينديون آهن ته اسان کي محسوس ٿيندو آهي ته هي ڳالهيون منهنجي لاءِ ناهن بلڪ ٻين جي لاءِ آهن. هي جيڪي نفسيات آهن، هي نهايت ئي خطرناڪ آهن. حُجَّةُ الاسلام      امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ نهايت عبرتناڪ روايت ذڪر ڪئي آهي، لکن ٿا: شيطان جو نالو ابليس آهي، ان هڪ لک 75 هزار سال تائين ستن آسمانن تي عبادت ڪئي، حضرت رضوان عَلَيۡهِ السَّلَام (جيڪو جنت جو داروغو آهي، ان) سان گڏ هڪ هزار سال تائين


 

 



[1]...وسائلِ فردوس، صفحہ:1،3 ملتقطاً۔