Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

]1[ (روزانو) 41 ڀيرا صبح یَا حَیُّ یَا قَیُّوْمُ لَااِلٰہَ اِلَّا اَنْتَ اول ۽ آخر درود شريف ۽ پڻ ]2[ سمهڻ وقت پنهنجي سڀني وردن کان پوءِ سورهءِ ڪافِرون روزانو پڙهي ڇڏيندا ڪريو ان کان پوءِ گفتگو وغيره نه ڪريو ها جيڪڏهن ضرورت هجي ته ڪلام ڪرڻ کان پوءِ وري سورهءِ ڪافرون تلاوت ڪري وٺو ته جيئن خاتمو انهيءَ تي ٿئي اِنشآءاللهعَزَّوَجَلَّ خاتمو ايمان تي ٿيندو. ۽ ]3[ ٽي ڀيرا صبح ۽ ٽي ڀيرا شام هن دعا جو ورد ڪندا رهو:

اَللّٰھُمْ اِنَّا نَعُوْذُبِکَ مِنْ اَنْ نُشْرِکَ بِکَ شَیْأً نَعْلَمُہ، وَنَسْتَغْفِرُکَ لِمَا لَانَعْلَمُ ([1])

 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: فجر جي لاءِ جاڳائڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! دل ۾ عشق رسول وڌائڻ، نيڪ بڻجڻ ۽ ايمان جي حفاظت جو ذهن بنائڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: فجر جي لاءِ جاڳائڻ به آهي. * فجر جي لاءِ جاڳائڻ سُنت مصطفيٰ آهي. * الله پاڪ جا آخري نبي، رسول هاشمي فجر جي لاءِ ويندي سُتلن کي جاڳائيندا هئا.( ابو داؤد، کتاب الصلاۃ، باب الاضطجاع، صفحہ:208، حدیث:1264۔) * مسلمانن جا ٻيا خليفا حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ نمازِ فجر جي لاءِ ماڻهن کي جاڳائيندي مسجد تشريف وٺي ويندا هئا. (مشکاۃ المصابیح، کتاب الصلاۃ، باب التحریص علی قیام اللیل، جلد:1، صفحہ:244، حدیث:1240۔) مسلمانن جا چوٿان خليفا حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ هن پياري پياري سُنت جا عامل هئا (تاریخ الخلفاء، ذِکْر علی بن ابی طالب، فصل فی مبایعۃ علی بالخلافۃ، صفحہ:112۔) * اوهان به اها سُنت اپنايو!  نمازِ فجر جي لاءِ


 

 



[1]... ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت،صفحہ:311۔