Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

جيڪي اسلامي ڀائر مَعاذالله نماز ناهن پڙهندا يا قضا ڪري پڙهندا آهن، فجر جي نماز لاءِ ناهن اٿندا يا بنا شرعي مجبوريءَ جي مسجد ۾ باجماعت پڙهڻ جي بدران گهر ۾ ئي نماز پڙهي ڇڏيندا آهن انهن جي لاءِ فڪر جو مقام آهي. ڪٿي نماز ۾سُستي بُري خاتمي جو سبب نه بڻجي وڃي. اهڙيءَ ريت شراب پيئندڙ، ماءُ پيءُ جو نافرمان ۽ مسلمانن کي پنهنجي زبان يا هٿ وغيره سان تڪليف ڏيڻ وارو سچي توبهه ڪري وٺي. صدرُ الافاضِل حضرتِ علّامہ مولانا سيّد محمد نعيمُ الدّين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا: توبهه جو بنياد رُجوع  اِلَی اللّٰہ (يعني الله پاڪ جي طرف رجوع ڪرڻ) آهي. ان جا ٽي رڪن آهــن: هــڪ ڏوهه جو اعتراف ٻيـو شـرمساري ٽيون ڇڏي ڏيڻ جو عزم(يعني هن گناهه کي ترڪ ڪري ڇڏڻ جو پڪو ارادو) جيڪڏهن گناهه قابلِ تلافي هجي ته ان جي تلافي (يعني نقصان جو بدلو) به لازم آهي مثال طور تارِڪ الصلوٰة (يعني بي نمازيءَ) جي توبهه جي لاءِ پويُن نمازن جي قضا پڙهڻ به ضروري آهي. ([1]) ۽ جيڪڏهن حقوق العباد پائمال ڪيا آهن ته توبهه سان گڏوگڏ ان جي تلافي ضروري آهي مثال طور ماءُ پيءُ، ڀاءُ ڀيڻ، گهرواري يا دوست وغيره جي دل آزاري ڪئي آهي ته ان کان هن طرح مُعافي گهرو جو هُو مُعاف ڪري ڇڏي. صرف مسڪرائي ڪري SORRY چئي ڇڏڻ هر مُعاملي ۾ ڪافي ناهي هوندو!

میں کر کے توبہ پلٹ کر گناہ کرتا ہوں         حقیقی توبہ  کا   کر  دے  شرف  عطا  یاربّ!([2])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 


 

 



[1]... خزائن العرفان، صفحہ:16۔

[2]... وسائلِ بخشش، صفحہ:78۔