Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

ان کي ڳولهيندا رهندا آهيون، پر نيڪي نه ڪري سگهياسين، ثواب کان محروم رهجي وياسين، ان بابت ڪا حسرت ناهي ٿيندي. * آفس وڃڻ ۾ 10 منٽ دير ٿي وڃون، صبح دير سان اک کُلي ته فڪر ٿيندي آهي، پريشاني وٺي ويندي آهي ته 10 منٽن جا پيسا ماهوار پگهار مان ڪٽبا. اسان جو نگران، آفيسر ناراض ٿيندو، ٽينشن ٿيندي آهي ته هاڻي آفس دير سان پهچندس ته نگران يا آفيسر جون ڇڙٻون ٻڌڻيون پونديون پر صبح فجر جي نماز قضا ٿي وئي آهي، ان جي ڪري جهنم ۾ اڇليو ويندو، مون تي الله پاڪ جو غضب ٿيندو، افسوس! نماز ناهي پڙهي، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ڇا منهن ڏيکاريندس، ان جي ڪا فڪر ناهي هوندي. * جيڪو ڪجھ اسان هن دُنيا ۾ ڪمائي سگهيا آهيون، ان جي حفاظت ته وڏي اهتمام سان ڪندا آهيون، تجوريون ٺهرايون وينديون آهن، بينڪ ۾ لاڪر سسٽم به استعمال ڪيو ويندو آهي، سيڪورٽي گارڊ به رکيا ويندا آهن پر دل ۾ ايمان جي دولت آهي، هي لازوال دولت، هي انمول دولت، هي سڀني کان قيمتي دولت، ان جي حفاظت جي فڪر گهٽ ئي ماڻهن کي هوندي آهي، يقين مڃو! آخرت جي مُعاملي ۾ هي بي فڪري جي جيڪا ڪيفيت آهي، هي انتهائي نقصان ڪار آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اَفَاَمِنَ اَهْلُ الْقُرٰۤى اَنْ یَّاْتِیَهُمْ بَاْسُنَا بَیَاتًا وَّ هُمْ نَآىٕمُوْنَؕ(۹۷) اَوَ اَمِنَ اَهْلُ الْقُرٰۤى اَنْ یَّاْتِیَهُمْ بَاْسُنَا ضُحًى وَّ هُمْ یَلْعَبُوْنَ(۹۸) اَفَاَمِنُوْا مَكْرَ اللّٰهِۚ-فَلَا یَاْمَنُ مَكْرَ اللّٰهِ اِلَّا الْقَوْمُ الْخٰسِرُوْنَ۠(۹۹) (پارہ:9، الاعراف:97تا99)

ترجموڪنزالعرفان: ڇا ڳوٺن وارا هن ڳالهه کان بي خوف ٿي ويا جو انهن تي اسان جو عذاب رات جو اچي جڏهن اهي سمهي رهيا هجن. ڇا ڳوٺن وارا هن ڳالهه کان بي خوف آهن ته انهن تي اسان جو عذاب ڏينهن جي وقت اچي وڃي جڏهن اهي راند ۾ پيل هجن. ڇا اهي الله جي خفيه تدبير کان بي خوف آهن پوءِ الله جي خفيه تدبيرکان صرف تباهه ٿيڻ وارا ماڻهو ئي بي خوف ٿيندا آهن.