Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

جيڪو صبح صبح اُٿي ڪري روزو رکندو آهي، مريض جي عيادت ڪرڻ ۽ ثواب ڪمائڻ جي لاءِ جنازي ۾ شرڪت جي رغبت رکندو آهي.

صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ        جي نرالي صبح

هاڻي ٿورو عاشقِ اڪبر، مسلمانن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ   جي پياري ۽ نرالي صبح جو حال ٻڌو! ڄڻ رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ڳالهين جي طرف اشارو ڪيو هو، حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ   انهن تي عمل ڪرڻ وارا هئا، جي ها! حديث پاڪ ٻڌو! حضرت عبدالرحمٰن بن ابوبڪر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن رسول اڪرم، شاھِ بني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فجر جي نماز کان فارغ ٿي ڪري ارشاد فرمايو: اَڄ ڪنهن روزو رکيو آهي؟ حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ   عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! مون روزي جي نيت ناهي ڪئي ۽ نه ئي اهڙو اِرادو آهي. حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ    عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! رات جو صرف منهنجو اِرادو هو ۽ صبح مان روزي سان هيس. پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: اَڄ ڪنهن مريض جي عيادت ڪئي آهي؟ حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم!   هيئنر ته اسان نماز کان واندا ٿيا آهيون ۽ مسجد کان ٻاهر به ناهيون نڪتا، مريض جي عيادت ڪيئن ڪيون؟ حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  عرض ڪيو: يا نبيَ الله! منهنجا ڀاءَ عبدالرحمٰن بن عوف رَضِىَ اللهُ عَنْهُ بيمار آهن، اَڄ عيادت جي لاءِ مان پهريان ان جي گهر ويس ۽ اُتان کان مسجد ۾ آيس. پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اَڄ راھِ خدا ۾ صدقو ڪنهن ڏنو آهي؟ حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  عرض ڪيو:  يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم!  فجر جي نماز پڙهڻ کان بعد کان وٺي هاڻي تائين اسان اوهان جي بارگاھ ۾ موجود آهيون، هن صورت ۾ اسان جو صدقو ڪرڻ ڪيئن ممڪن آهي؟ حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! مان حضرت عبدالرحمٰن بن عوف رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي عيادت ڪري مسجد پهتس ته هڪ سائل سوال ڪري رهيو هو، مون سان گڏ منهنجو پوٽو (يا پٽ) به هو جنهن جي هٿ