Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو ته * نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، * علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، *   ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، *  ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، *  بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! 

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

الله پاڪ جي  پسنديده ٻانهن جون نشانيون

صحابي رسول حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان بارگاههِ رسالت ۾ حاضر هئاسين، ايتري ۾ هڪ شخص آيو، اُن جڏهن اسان کي ڏٺو ته پنهنجي سواري تان لٿو ۽ پيادل هلندي بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم   ! مان پري کان 9 ڏينهن جي مسافت ڪاٽي هتي پهتو آهيان پر اهڙي طرح آيو آهيان جو هي مسافت 6 ڏينهن ۾ طئي ڪئي، مان ڏينهن جو اُڃارو رهيس، راتين جو جاڳندو رهيس(ايئن مون تيزي سان سفر ڪيو ته جيئن جلد کان جلد اوهان جي خدمت ۾ پڄان، يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم   !) منهنجي اچڻ جو اصل مقصد 2 سوال آهن، جن منهنجي ننڊ ڦٽائي ڇڏي آهي، بس مان ان جو جواب چاهيان ٿو.

   پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان خوش نصيب مسافر کان سندس نالو پڇيو، چيائين: اَنَا زَیْدُنِ الْخَیْل يعني مان گهوڙي وارو زيد آهيان. رسولِ ذيشان، مڪي مدني سُلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم    فرمايو: بَلْ اَنْتَ زَیْدُنِالْخَیْر (يعني توهان