Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

مطلب ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي پياري پياري ننڊ ئي بيمثال ۽ باڪمال آهي، پوءِ جڏهن پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  ننڊ مان جاڳندا هئا ته دل مبارڪ جون ڪيفيتون ڏسو! ڪهڙيون نه پياريون هونديون هيون (1)  شڪر جي ڪيفيت، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم    اُٿي ڪري الله پاڪ جي حمد ڪندا هئا، اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ الَّذِیْۤ اَحْیَانَابَعْدَ مَآ اَمَاتَنَا تمام تعريفون اُن الله پاڪ جي لاءِ جنهن موت کان پوءِ زندھ ڪيو (يعني ننڊ کان جاڳڻ جي توفيق بخشي)، هي شڪر جي ڪيفيت هئي، پوءِ (2) فِڪر آخرت واري ڪيفيت جو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  چوندا ها: وَاِلَیْہِ النُّشُوْرُ (۽ انهيءَ جي طرف موٽڻو آهي). هي آخرت جي ياد واري ڪيفيت آهي.

ڪيتريون پياريون پياريون ڪيفيتون آهن..!! مطلب ته صبح جي وقت جون ڪيفيتون تمام اهم آهن، هي ڪيفيتون اسان جي شخصيت کي واضح ڪن ٿيون، انهي ڪري اسان کي پنهنجي صبح جي ڪيفيتن جي باري ۾ غور ڪرڻ گهرجي!

3 قسم جا ماڻهو...!!

عالم سڳورا فرمائن ٿا:  صبح جي معاملي ۾ ماڻهو 3 قسم جا آهن: (1) هڪ قسم جا ماڻهو اهي آهن جن کي صبح اٿندي ئي مال ڪمائڻ جي فڪر لڳي ويندي آهي (2) ٻي قسم جا اهي ماڻهو آهن جن جي دل صبح ئي کان گناهن جي طرف مائل ٿيندي آهي (3) ٽئين قسم جا ماڻهو اهي آهن جيڪي صبح اٿندا آهن ته سندن دلين ۾ آخرت جي فڪر ۽ الله پاڪ جو قرب ماڻڻ جو شوق هوندو آهي. * سو جيڪو ٻانهو مال جي فڪر ۾ صبح ڪندو آهي، اهو چاهي جيترو به ڪمائي، جيتري به ڀڄ ڊُوڙ ڪري، کائيندو اهو ئي جيڪو الله پاڪ سندس  مقدر  ۾ لکيو آهي* جيڪو ٻانهو گناهن جي رغبت دل ۾ کڻي اٿندو آهي، اهو ذلّت کي منهن ڏيندو آهي * ۽ اهو خوش نصيب ٻانهو جيڪو صبح اٿندو آهي ته دل ۾ آخرت جي فڪر هوندي آهي، الله پاڪ جو قرب ماڻڻ جي طلب