Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی خَاتَمِ النَّبِیّٖن

اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِؕ

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه                                                                                                                                 اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه                                                                                                                                            اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَاف (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي) 

درودِ پاڪ جي فضيلت

 صحابي رسول حضرت زيد بن ثابت رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مديني شريف جون اهي خوبصورت صبحُون جيڪي رسولِ ذيشان، مڪي مدني سُلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم   سان گڏ نصيب ٿيون هيون، اُنهن پياري صبحن مان هڪ حسين صُبۡح جي ڳالھ آهي، اسان الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم    سان گڏ مديني جي گهٽين ۾ نڪتاسين ۽ هلندي هلندي هڪ چوڪ تي پهتاسين، ايتري ۾ ڏٺوسين ته هڪ اعرابي(يعني عرب جو ڳوٺاڻو صحابي) اُٺ جي مُهار پڪڙي هلندو پيو اچي ۽ اهو پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم    جي ڀرسان اچي رُڪيو، اَدب سان سلام عرض ڪيائين،  رسولِ ذيشان، مڪي مدني سُلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم    سلام جو جواب ڏنو، پوءِ فرمايو: کَیْفَ اَصْبَحْتَ  تو صبح ڪهڙي حالت ۾ ڪئي...؟ هن کان پهريان جو اِهو اعرابي ڪو جواب ڏي ها، ان سان گڏ جيڪو اُٺ هو اهو گُڙڻ(آوازڪرڻ) لڳو. ان سان گڏ ئي جيڪو شخص پنهنجي حليي مان محافظ لڳي رهيو هو، اهو جلدي مان آيو ۽ چوڻ لڳو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم    ! هن اعرابي هي اُٺ چوري ڪيو آهي، اُن اڃا ڳالھ پوري ئي مس ڪئي هئي ته اُٺ وري گُڙڻ لڳو ۽ ڏکايل آواز ڪڍڻ لڳو: هاڻي سڀني جون ٻوليون ڄاڻڻ واري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم    خاموشي سان اُٺ جي فرياد ٻُڌي، پوءِ اُن مُحافظ جي طرف متوجه ٿي فرمايائون: هتان کان هليا وڃو..!! هي اُٺ گواهي ڏئي رهيو آهي ته تون ڪوڙو آهين (يعني هن اعرابي چوري ناهي ڪئي، توکي ڪا غلط فهمي ٿي آهي)