Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

آخرت جي فڪر نصيب ٿي وڃي! ڪاش خوفِ خُدا نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان جي صبح و شام جون ڪيفيتون سنورجي وڃن...!!

گناہوں نے  میری کمر  توڑ ڈالی                                                                        مِرا  حَشر  میں  ہو گا  کیا  یا الٰہی!

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ                                                    گناہوں  سے  ہر  دم  بچا  یا الٰہی!([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 

صبح جون پياريون ڪيفيتون

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي پنهنجي صبح جي ڪيفيتن تي غور به ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي سنوارڻ جي ڪوشش به ضرور ڪرڻ گهرجي. هي ڪيئن ٿيندو؟ ڪهڙيون ڪهڙيون پياريون ڪيفيتون اسان کي اپنائڻيون آهن؟ اچو! نيڪ ماڻهن جون نصيحتون ٻڌون ٿا:

ڪهڙي حالت ۾ سُتا هئا...؟

ڪنهن نيڪ بُزرگ کان پڇيو ويو: انسان کي صبح  جو ڪهڙي نيت سان بستر مان اٿڻ گهرجي؟ فرمايائون: پهريان اهو سوچو ته سُتا ڪهڙي حالت ۾ هئا، پوءِ اٿڻ جي باري ۾ پڇجو. وري فرمايائون: اٿڻ جو بعد ۾ پڇجو، پهريان سمهڻ جي ڪيفيتن جي باري ۾ غور ڪيو! پوءِ پاڻ سمهڻ جي چڱي حالت کي بيان ڪيائون، فرمايائون: انسان کي گهرجي ته رات جو سمهڻ کان پهريان چار ڳالهين جو خيال رکي: (1) روءِ زمين تي ڪنهن جو حق سندس ذّمي تي نه هجي. جيڪڏهن ڪنهن جو حق اُن تي  آهي ته ادا ڪري(يا مُعاف ڪرائي) ڇوته بعض اوقات سمهندي ئي موت اچي ويندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن جو حق ذمّي تي


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:105۔