Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

ڪري ته تون ڪامل مومن آهين.[1]  هڪ ٻي حديث پاڪ ۾ آهي ته حضور نبي اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم   فرمايو: مَنْ سَرَّتْهُ حَسَنَتُهُ وَسَاءَتْهُ سَيِّئَتُهُ فَذٰلِكَ الْمُؤْمِنُ يعني جنهن کي اُن جي نيڪي خوش ڪري ۽ اُن جي برائي غمگين ڪري ته اهو(ڪامل) مومن آهي.[2]

سُبْحٰنَ اللہ!  الله پاڪ اسان کي اهڙيون پياريون پياريون ڪيفيتون نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

گناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی!                                                                                               بُری عادتیں  بھی چُھڑا یاالٰہی!

خطاؤں کو میری مٹا یاالٰہی!                                                                                                     مجھے  نیک  خَصلت  بنا  یاالٰہی!([3])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

صُبح ڪهڙي حالت ۾ ڪئي...؟

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حضرت زيد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ واري خوبصورت حديث پاڪ ٻڌي، اُن تي ٿورو غور فرمايو! حضرت زيد رَضِىَ اللهُ عَنْه  سوال پڇيو هو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم   ! الله پاڪ جي پسنديده ۽ ناپسنديده ٻانهي جي نشاني ٻڌايو! اُن تي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ان کي جواب نه ڏنو بلڪ جواب جي طور تي اُن کان هڪ سوال پڇيو، اهو سوال ڪهڙو هيو؟ کَیْفَ اَصْبَحتَ یَازَیْد! اي زيد! تو صبح ڪهڙي حالت ۾ ڪئي هئي...؟

رسولِ ذيشان، مڪي مدني سُلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي هن پياري انداز کي ٿورو سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم    الله پاڪ جو پسنديده


 

 



[1] مسند احمد، تتمہ مسند الانصار، جلد:9، صفحہ:172، حدیث:22802۔

[2] ترمذی، کتاب الفتن، باب ما جاء فی لزوم الجماعۃ، صفحہ:522، حدیث:2165۔

[3]...وسائلِ بخشش، صفحہ: 100۔