Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

ڏسي سگهندس* جيڪو به قدم کنيو اهو سوچي ڪري کنيو ته اُن کان پوءِ ٻيو قدم نه کڻي سگندس ۽ * ڄڻ مان (قيامت جو هي منظر) ڏسي رهيو هيس ته هر اها اُمَّت گوڏن ڀر ڪريل آهي جنهن کي سندن اعمالنامي جي طرف سڏيو پيو وڃي ۽ انهن سان گڏ انهن جي طرف موڪليل نبي آهن ۽ اهي بُت به آهن جن کي هُو الله پاڪ کي ڇڏي ڪري پوڄيندا هئا ۽ * ڄڻ مان جهنمين جي سزا ۽ جنتين جي ثواب کي ڏسي رهيو آهيان. اُن تي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  ارشاد فرمايو: تو ڄاڻي ڇڏيو سو هاڻي انهن ڪيفيتن تي پابندي رکجان.[1]

 پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! ڪهڙيون پياريون ڪيفيتون آهن....!! صُبۡح اهڙي حالت ۾ اُٿيا جو آخرت جي فڪر آهي، موت سامهون نظر اچي رهيو آهي، قيامت جو منظر اکين ۾ گهمي رهيو آهي، افسوس! اهو وقت جڏهن سڀئي اڳيان پويان جمع هوندا، زمين تپي رهي هوندي، سج باھ وَسائي رهيو هوندو، قهر کي منهن ڏيڻو پوندو، افسوس! غير مسلم ۽ گنهگار جهنم جي طرف هڪليا پئي ويندا، خوش نصيبن کي جنت ڏانهن روانو ڪيو پئي ويندو...!! هي عبرتناڪ ۽ هولناڪ منظر ۽ ان جون ڪيفيتون دل ۽ دماغ تي ڇانيل آهن....!! ڪاش! اسان کي به اهڙيون ڪيفيتون نصيب ٿي وڃن.

سڀاڻِي تنهنجو نالو ڇا هوندو...!!

حضرت مُجاهد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تابعي بُزرگ ٿي گذريا آهن، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا: مون کي حضرت عبدالله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ نصيحت ڪندي فرمايو: اي مجاهد! جڏهن صبح ڪيو ته دل کي شام ڪرڻ جي اُمّيد نه ڏياريو! جڏهن شام ڪيو ته صبح ڪرڻ جي اميد نه ڏياريو! موت کان پهريان زندگي کي غنيمت سمجهو! بيماري کان پهريان صحت کي غنيمت سمجهو! بيشڪ توهان نٿا ڄاڻو ته ڪالھ توهان جو نالو ڇا هوندو (يعني ماڻهو توهان کي صاحب چوندا يا مرحوم چئي ڪري


 

 



[1] حلیۃ الاولیا، جلد:1، صفحہ:305، رقم:816 ۔