Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

هي 2 نعمتون (1) قناعت ۽ (2) نيڪي جي مٺاڻ اُن کي ملندي آهي، جيڪو صبح اٿندي ئي رزق جي معاملي ۾ پُراَمن ۽ نيڪ ڪمن جي معاملي ۾ خوفزده ٿيندو آهي ته افسوس! ڪٿي اڄوڪو ڏينهن نافرمانين ۾ نه گذري وڃي...!! ڪاش! اسان کي هي 2 عظيم ڪيفيتون نصيب ٿي وڃن....!!

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

 

رہیں سب شاد گھر والے شہا تھوڑی سی روزی پر            عطا ہو دولتِ صبر و قناعت یا رسول اللہ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

صبح ڪرڻ جون چار نيتون

پيارا اسلامي ڀائرو! نيت ڪرڻ سان ٻانهي کي عمل جو جذبو ملندو آهي لهٰذا اسان کي گهرجي ته هر صبح چڱيون چڱيون نيتون ڪندا ڪيو ته جيئن سڄو  ڏينهن نيڪ اعمال ڪرڻ جو ذهن بڻيل رهي. ڪجھ بزرگانِ دين فرمائن ٿا: انسان کي گهرجي ته هر صبح جو هي نيتون ڪندو ڪري: (1) الله پاڪ جي فرضن جي ادائيگي ڪندس (2) ان جي منع ڪيل شين کان رڪجي ويندس (3) ماڻهن سان معاملن ۾ انصاف ڪندس (4) دشمنن کان صلح ڪندس. جڏهن ٻانهو انهن نيتن سان صبح ڪندو ته اُميد آهي ته اهو ڪامياب ۽ نيڪ ماڻهن مان ٿيندو.[2]  

صبح جي وقت شڪر ڪيو!

اي عاشقانِ رسول! صبح جي وقت جڏهن بيدار ٿيو ته الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ جي عادت بڻايو. هڪ ڀيرو هڪ صحابي رسول رَضِىَ اللهُ عَنْهُ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:332۔

[2] تنبیہ الغافلین، باب ما قیل کیف یصبح الرجل، صفحہ:323