Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

ٻانهو يا ناپسنديده ٻانهو بڻجڻ کي صبح جي ڪيفيت سان جوڙيو آهي، يعني جيڪڏهن توهان هي ڏسڻ چاهيو ٿا ته توهان الله پاڪ جا پسنديده ٻانها آهيو يا ناهيو ته ان جي لاءِ پنهنجي صبح جي ڪيفيت تي غُور ڪيو! هي ڪيفيتون فيصلو ڪنديون ته ربّ وٽ توهان جو مقام ڪهڙو آهي...؟

الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي اسان مان هڪ شخص پنهنجي صبح تي غور ڪري...!! اسان جي صبح ڪهڙي حالت ۾ ٿيندي آهي. افسوس! اسان وٽ تمام عجيب حالات آهن * صبح اٿندا آهيون ته مَعَاذالله! فجر جي نماز قضا ٿي چڪي هوندي آهي* صبح اٿي ڪري دنياوي ڪمن جي فڪر ٿيندي آهي. * گهڙيءَ تي نظر پوندي آهي ته دل مان آھ نڪرندي آهي،  افسوس! وقت ٿورو رهجي ويو، ڪم تي پڄڻو آهي. *  اَڄ فلاڻو ڪم به ڪرڻو آهي* فلاڻي کان پيسا به وٺڻا آهن * فلاڻي کي ڏيڻا آهن *  ڪاروبار جون پريشانيون * ڪجھ کي اخبار پڙهڻ، سوشل ميڊيا ڏسڻ جو شوق هوندو آهي، صُبح اٿندي ئي سڄي دنيا جون خبرون پڙهڻيون آهن. مطلب ته صبح اٿي ڪري نه نماز جي فڪر، نه ورد ۽ وظيفن جي فڪر، نه الله پاڪ جو ذڪر، نه درود جي ڪثرت، نه نيڪ ڪمن جي رغبت بس رڳو....!! ايئن ئي

صُبْح ہوتی ہے، شام ہوتی ہے                                                                                             عمر یونہی تمام ہوتی ہے

 

صبح جي اهميت

پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! صبح جو وقت تمام قيمتي وقت هوندو آهي، اُن وقت رحمتون لهنديون آهن، برڪتون لهنديون آهن، رزق جي تقسيم جو وقت آهي، جيڪي ماڻهو صبح جو جلدي اٿڻ جا عادي آهن، انهن کي اندازو هوندو، هي هڪ خوبصورت وقت هوندو آهي، صبح جي ٿڌڙي هوا روح کي راحت ڏئي