Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

۾ ماني جو ٽڪڙو هو مون ان کان وٺي اهو سائل کي ڏئي ڇڏيو. اهو ٻڌي ڪري الله پاڪ جي آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ      کي 2 ڀيرا فرمايو: توکي جنت جي بشارت هجي.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي نرالي صبح آهي....!! هاڻي فجر جي نماز پڙهي آهي، حضرتابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي روزو به رکيل آهن، مريض جي به عيادت ڪري چڪا آهن ۽ راھِ خدا ۾ خيرات به ڪري چڪا آهن، بيشڪ حضرتابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ        هر معاملي ۾ اڳتي وڌڻ وارا آهن.

بہتری جس پہ کرے فخر وہ بہتر صدیق                                                     سروَری جس پہ کرے ناز وہ سروَر صدیق

سارے اَصحابِ نبی تارے ہیں اُمّت کے لیے     اِن سِتاروں میں بنے مہرِ مُنّور صدیق

بال بچوں کے لیے گھر میں خُدا کو چھوڑیں                                   مصطفےٰ پر کریں گھر بار نِچھاور صدیق([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

معاذ بن جبل رَضِىَ اللهُ عَنْه  جي پياري صبح

حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي ته هڪ ڀيرو حضرت معاذ بن جبل رَضِىَ اللهُ عَنْهُ بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيا ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  پڇيو: اي معاذ! تو صبح ڪهڙي حالت ۾ ڪئي؟ عرض ڪيائين: مون الله پاڪ تي ايمان رکندي صبح ڪئي آهي: ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ارشاد فرمايو: هر ڳالھ جي ڪا دليل هوندي آهي، تنهنجي هن ڳالھ تي ڪهڙي دليل آهي؟ انهن عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! مون جڏهن به صبح ڪئي ته * هي گمان ڪيو ته شام نه ڏسي سگهندس ۽ * جڏهن به شام ڪئي ته هي خيال ڪيو ته صبح نه


 

 



[1] .الریاض النضرۃ، ،جز:1، القسم الثانی ...الخ، الباب الاول...الخ، الفصل التاسع...الخ، صفحہ:151 ۔

[2]...دیوانِ سالک، صفحہ:69ـ71ملتقطاً۔