Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

هي عمل 3 ڀيرا ڪندا هئا.[1] * پاڻ سڳورا رات جو سمهڻ کان پهريان سورت سجده ۽ سورت ملڪ جي تلاوت فرمائيندا هئا.[2] * اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: رات جو سمهڻ کان پهريان آخري ڪم سورت ڪافرون جي تلاوت هجڻ گهرجي. ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!ايمان تي خاتمو ٿيندو[3]* صاحِبِ بهارِ شريعت مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سمهڻ جا آداب بيان ڪندي فرمائن ٿا: انسان کي گهرجي ته ساڄي ڳل جي هيٺان ساڄو هٿ رکي ڪري ساڄي پاسي سمهي ۽ سمهندي وقت قبر ۾ سمهڻ کي ياد ڪندو ڪري...!![4]

     الله اڪبر! ڪاش! هي پيارا انداز اسان کي نصيب ٿي وڃن...!!

میں سو جاؤں یا مصطفٰی کہتے کہتے                                                             کُھلے آنکھ صلی علیٰ کہتے کہتے

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صبح جي وقت جون 2 پياريون ڪيفيتون

هڪ نيڪ بُزرگ فرمائي ٿو:  جنهن کي صبح نصيب ٿي، اُن تي 2 ڳالهيون لازم آهن: (1) اَمن (2) خوف. امن هن ڳالھ تي ته رزق جو ذمو الله پاڪ پنهنجي ڪرم تي کنيو آهي ۽ خوف هن ڳالھ جو ته افسوس! اڄ مان الله پاڪ جا احڪام پورا ڪري سگهندس الائي نه....!! وڌيڪ فرمائن ٿا: جنهن ٻانهي کي هي 2 ڪيفيتون ملي ويون ان کي 2 نعمتون عطا ڪيون وينديون آهن: (1) قناعت جو جيڪو ۽ جيترو ان کي ڏنو ويو آهي، هو ان تي خوش ٿي ويندو آهي (2) اطاعت ۽ فرمانبرداري جي مٺاڻ.[5]


 

 



[1] بخاری، کتاب فضائل القرآن، باب فضل المعوذات، صفحہ:1297، حدیث:5017۔

[2] مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب الدعاء، باب ماجاء فی قراءۃ...الخ، جلد:7، صفحہ:132، حدیث:1۔

[3] ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت،صفحہ:311۔

[4] بہار شریعت، جلد:3، صفحہ:436، حصہ:16۔

[5] تنبیہ الغافلین، باب ما قیل کیف یصبح الرجل، صفحہ:324۔