Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

ياد ڪندا)...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي حقيقت آهي...!! انسان صبح ڪندو آهي ته اهو ناهي ڄاڻيندو ته شام ڪري سگهندو يا نه....!! ڪيئي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي صبح جو ته  خوش ٿي جاڳندا آهن پر سندن رات قبر ۾ هوندي آهي، ڪيترا اهڙا آهن جن کي رات جو ته ننڊ سُٺي ايندي آهي پر صبح جو جاڳڻ نصيب ناهي ٿيندو..!! پوءِ ڇا سبب آهي جو اسان سبق نٿا وٺون، غفلت طاري آهي، اسان آخرت جي باري ۾ نٿا سوچون، وڏين اميدن ۾ مبتلا آهيون،  اسان وڏن وڏن خوابن ۾ مبتلا آهيون، صبح اٿندي ئي سڄي ڏينهن جي ڪمن جي ڊگهي فهرست دماغ ۾ هوندي آهي پر افسوس! انهن ۾ اهي ڪم شامل ناهن هوندا، جيڪي آخرت ۾ ڪاميابي ڏيارين، بس! دنيا، دنيا ۽ دنيائي جي فڪر ستائيندي آهي. افسوس! افسوس! اسان کي صبح ملي وئي، شام ملندي يا نه،! شام ملي وئي، صبح ملندي يا نه، اسان مان ڪوبه نٿو ڄاڻي.

آگاہ اپنی موت سے کوئی بشر نہیں                                                               سامان سو برس کا ہے پل کی خبر نہیں

 

نيڪ ماڻهن جون صبحُون

*حضرت ربيع بن خَيثم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي عرض ڪيو ويو: اوهان صبح ڪهڙي حالت ۾ ڪئي؟ ته فرمايائون: مون صبح اُن حالت ۾ ڪئي جو ڪمزور ۽ گنهگار آهيان، پنهنجو رزق پورو ڪري رهيو آهيان ۽ موت جي انتظار ۾ آهيان. *حضرت اَبودرداء رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي  خدمت ۾ عرض ڪيو ويو: اوهان صبح ڪهڙي حالت ۾ ڪئي؟ ته فرمايائون: جيڪڏهن باھ کان نجات ماڻي ورتي ته مون چڱي حالت ۾ صبح ڪئي.  *حضرت اويس قرني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇيو ويو: اوهان ڪهڙي حالت ۾ صبح ڪئي؟ ته فرمايائون: اُن شخص جي صبح جو حال ڇا ٿا پڇو جيڪو شام ڪري ٿو ته ان کي اها خبر ناهي هوندي ته صبح ڪندو (يا نه) ۽ جڏهن صبح ڪندو آهي ته اها خبر ناهي هوندي ته شام ڪندو (يا نه)؟ *حضرت ابو يحي مالڪ