Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

سنتو ن ۽  آداب

 پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                                                               جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

ڏندڻ ڪرڻ جون سنّتون ۽ آداب

   2 فرامينِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): ٻه رڪعتون ڏندڻ ڏئي ڪري پڙهڻ بنا ڏندڻ جي 70 رڪعتن کان افضل آهي[2] (2) ڏندڻ جو استعمال پنهنجي لاءِ لازم ڪريو ڇو ته هن ۾ وات جي صفائي ۽ ربّ جي رضا جو سبب آهي. [3]

   اي عاشقانِ رسول! حضور نبي پاڪ صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ هر رات جو ڪيئي ڀيرا ڏندڻ ڪندا هئا، هر ڀيري سمهڻ وقت به ۽ جاڳڻ وقت به * بنا سٺي نيّتن جي ڏندڻ جا طبي فائده (Physical Benefits) حاصل ته ٿيندا پر ثواب نه ملندو. مثال طور وُضو جي لاءِ ڏندڻ ڪرڻو هجي ته هيئن ٽي نيّتون ڪري وٺو: رضاءِ الاهي، سنّت جي ادائيگي ۽ ذڪر ۽ درود جي لاءِ پنهنجي وات کي صاف رکڻ


 

 



[1] تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2]... اَلتَّرغِیْب وَالتَّرہیب، كتاب: الطہارۃ، الترغیب فی السواک، صفحہ:86، حدیث:18۔

[3]... مسند امام احمد، جلد:2، صفحہ:438، حدیث:5869۔