Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

يعني تمام تعريفون الله پاڪ جي لاءِ آهن جنهن منهنجي دل کي هدايت جي نور سان مُنّور ڪيو، مون کي گمراهي جي حالت ۾ نه ڇڏيو(بلڪ) مون کي مومن بڻايو. (2) اَلْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي جَعَلَنِي مِنْ أُمَّةِ مُحَمَّدٍ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  يعني تمام تعريفون الله پاڪ جي لاءِ آهن جو اُن مون کي اُمّت مُحَمَّديّه ۾ داخل ڪيو. (3) اَلْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي لَمْ يَجْعَلْ رِزْقِي بِيَدِ غَيْرِهِ  يعني تمام تعريفون الله پاڪ جي لاءِ آهن جنهن منهنجو رزق پنهنجي هٿ ۾ رکيو (4) اَلْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي سَتَرَ عَلَيَّ عُيُوبِي  يعني تمام تعريفون الله پاڪ جي لاءِ آهن جنهن منهنجي عيبن کي ڍڪي رکيو.[1]

     پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جنهن هن حالت ۾ صبح ڪئي جو سندس دل مطمئن هجي، جسم تندرست هجي، ۽ ان وٽ هڪ ڏينهن جي روزي هجي ته ڄڻ ان جي لاءِ دنيا جمع ڪئي وئي.[2]

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

  

صبح جي وقت  ڪرڻ جا 10 ڪم

منقول آهي ته الله پاڪ انسان تي هر ڏينهن ۾ 10 شيون لازم ڪيون آهن: (1) (ننڊ کان) اٿندي ئي الله پاڪ جو ذڪر ڪري (2) شرمگاھ کي لڪائي (3) وقت تي صحيح انداز سان وضو ڪري (4) وقت تي نماز ادا ڪري (5) رزق ملڻ جي معاملي ۾ الله پاڪ تي ايمان رکي (6) الله پاڪ جيترو عطا ڪيو آهي اُن تي قناعت ڪري (7) الله پاڪ تي توڪل ڪري (8) الله پاڪ جي حڪم تي صبر


 

 



[1] تنبیہ الغافلین،باب ماقیل کیف یصبح الرجل، صفحہ:325۔

[2] ترمذی،کتاب الزہد، صفحہ:560، حدیث: 2346۔