Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

پنهنجي ڪيفيتن تي غور فرمايو..!!

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڪيترو پيارو معيار پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي عطا ڪيو آهي، اسان مان هرهڪ کي پنهنجي پنهنجي ڪيفيتن جي باري ۾ غور ڪرڻ گهرجي* ڇا اسان جي دل ۾ نيڪي جي محبت آهي...؟ جنهن جي دل ۾ هي محبت آهي، اهو الله پاڪ جو پسنديده ٻانهو آهي ۽ جيڪڏهن خدانخواسته اُن جي ابتڙ آهي يعني جنهن جي دل ۾ گناهن جي رغبت آهي، اُن کي ڊڄڻ گهرجي ڇو ته هي الله پاڪ جو ناپسنديده ٻانهو هجڻ جي نشاني آهي *      اهڙي طرح غور فرمايو ته ڇا اسان جي دل ۾ نيڪ ماڻهن جي محبت آهي؟ يا معَاذَالله! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جو، صحابه ڪرام جو، اهلِ بيت پاڪ جو، اولياءِ ڪرام جو، امامِ اعظم جو، غوث پاڪ جو، داتا حُضور، بابا فريد، سخي شهباز قلندر، خواجه اجمير، شاھ عبداللطيف ڀٽائي، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم  ۽ ٻين نيڪ ماڻهن جو بغض دل ۾ موجود آهي. خبردار! ڊڄڻ جو مقام آهي، جنهن جي دل ۾ نيڪ ماڻهن جي محبت ناهي بلڪ بُغض ۽ ڪينو آهي، اهو هرگز الله پاڪ جو پسنديده ٻانهو نٿو ٿي سگهي..!! *  پوءِ غور فرمايو! ڇا نيڪ ڪم ڪري خوشي ٿيندي آهي، سڪون ملندو آهي، دل ۾ شڪر جي ڪيفيت بڻجندي آهي* جيڪڏهن نيڪي کان محرومي ٿي وڃي، نيڪي نه ڪري سگهو ته ڇا اُن تي افسوس ٿيندو آهي؟ جيڪڏهن هي پياريون پياريون ڪيفيتون آهن ته خوشي جي ڳالھ آهي جو هي الله پاڪ جو پسنديده بڻجڻ جي نشاني آهي.

ڪامل مومن ڪير آهي؟

حضرت ابو امامه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، هڪ ڀيرو هڪ شخص حضور نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  کان پڇيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! ايمان ڇا آهي؟ فرمايائون: جڏهن توکي پنهنجي نيڪي خوش ڪري ۽ پنهنجي برائي غمگين