Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

فجر جي نماز  جون برڪتون

پيارا اسلامي ڀائرو! نماز نهايت ئي اهم عبادت آهي، اُن کي ضايع ڪرڻ وارو وڏو بدنصيب ۽ وڏي ثواب کان محروم رهڻ وارو آهي، خاص ڪري فجر جي نماز جو ڇا ته شان آهي *فجر جي نماز پڙهڻ وارو الله پاڪ جي ذمهءِ ڪرم ۾ هوندو آهي* سمهڻ وقت شيطان انسان جي ڪنڌ ۾ 3 ڳنڍيون ڏئي ڇڏيندو آهي: انسان جڏهن جاڳي ڪري الله پاڪ جو ذڪر ڪري ته پهرين، جڏهن وضو ڪري ته ٻي ۽ نماز پڙهي ته ٽئين ڳنڍ کُلي ويندي آهي. * عشاء ۽ فجر باجماعت پڙهڻ واري کي سڄي رات عبادت جو ثواب ملندو آهي * خاص ڪري جمعي جي ڏينهن فجر جماعت سان پڙهڻ وارن جا گناھ معاف ڪيا ويندا آهن* فجر ۽ عصر جي پابندي ڪرڻ واري کي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ٻين نمازن جي به پابندي نصيب ٿيندي* ان جي برڪت سان گناھن کان بچڻ جي به توفيق ملندي.[1]

(3) صبح جي وقت جون دعائون پڙهو

ٽيون ڪم هي ڪيو ته صبح جي وقت جون دعائون پڙهي وٺو.

فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: جيڪو شخص صبح ۽ شام جو 3،3 ڀيرا هيئن چئي رَضِيتُ ‌بِاللهِ ‌ رَبًّا ، وَبِالْإِسْلَامِ دِينًا، وَبِمُحَمَّدٍ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ سَلَّم نَبِيًّا (يعني مان الله پاڪ جي ربّ هجڻ، اسلام جي دين هجڻ، ۽ محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي نبي هجڻ تي راضي آهيان) ته الله پاڪ تي حق آهي ته قيامت واري ڏينهن ان کان راضي ٿي.[2]  جڏهن ته هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته رَضِيْتُ ‌بِاللهِ ‌رَبًّا ، وَبِالْإِسْلَامِ دِينًا، وَبِمُحَمَّدٍ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ سَلَّم رَسُولًا (يعني مان الله پاڪ جي ربّ هجڻ، اسلام جي دين هجڻ، ۽ محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  


 

 



[1] فیضانِ نماز، صفحہ:87تا100 ملتقطاً۔

[2] عمل یوم و الیلۃ للنسائی، ثواب من قال حین یصبح...الخ، صفحہ:135، حدیث:4۔