Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

ڪري (9) الله پاڪ جي نعمتن تي ان جو شڪر ادا ڪري. (10) حلال کاڌو کائي.[1]

صبح جي وقت  ڪجھ چڱا ڪم

(1)  صبح جلدي اٿو  

پيارا اسلامي ڀائرو! صبح جو هنن 3 ڪمن جو معمول بڻايو. پهريون ڪم اِهو ڪيو ته صبح ساجهر اٿو ڇوته صبح جي وقت ۾ اُمّتِ مُحَمَّديه جي لاءِ برڪت رکي وئي آهي. حضرت صَخۡر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ     فرمائن ٿا: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم الله پاڪ کان هيئن دعا ڪئي اللَّهُمَّ بَارِكْ لِأُمَّتِي فِي بُكُورِهَا يعني اي الله پاڪ! منهنجي اُمَّت جي صبح جي وقت ۾ برڪت عطا فرماءِ، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو معمول هو ته جڏهن به ڪو لشڪر روانو ڪندا هئا ته صبح جي وقت روانو ڪندا هئا حضرت صَخۡر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ      جيڪي پاڻ واپاري هئا پنهنجي واپار جو مال صبح ساجهر روانو ڪندا هئا، انهي ڪري هُو وڏا امير ٿي ويا ۽ سندن مال به وڌي ويو.[2]

 (2) فجر جي نماز جماعت سان پڙهو!

ٻيو ڪم هي ڪيو ته فجر جي نماز جماعت سان پڙهڻ جو اهتمام ڪيو. الله پاڪ جي پياري حبيب  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ هڪ شخص جي باري ۾ ذڪر ڪيو ويو ته اهو صبح تائين سمهندو رهيو ۽ نماز جي لاءِ نه اُٿيو ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ارشاد فرمايو: اُن شخص جي ڪن ۾ شيطان پيشاب ڪيو آهي.[3]


 

 



[1] .تنبیہ الغافلین،باب ما قیل کیف یصبح الرجل، صفحہ 325۔

[2] مسند  ابو داود طیالسی، جلد:2، صفحہ:574، حدیث:1342۔

[3] بخاری ، کتاب التھجد، باب اذا نام ول یصل....الخ، صفحہ:331، حدیث:1144۔