Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

هوندي آهي، الله پاڪ ان کي رزق به عطا فرمائيندو آهي ۽ پنهنجي راھ جي هدايت سان به نوازيندو آهي.[1]  

محبّت میں اپنی گُما یاالٰہی!                                                                                                                           نہ پاؤں میں اپنا پتا یا الٰہی!

مِرے دل سے دنیا کی چاہت مِٹا کر                                                               کر اُلفت میں اپنی فنا یاالٰہی!([2])

 

نيڪ ماڻهن جون نيڪ صبحُون

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي پنهنجي صبح جي ڪيفيتن ۽ صبح جي عادتن تي غور ڪرڻ گهرجي، جهڙي اسان جي صبح گذرندي، سڄو ڏينهن ايئن ئي گذرندو. اچو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم، صحابه ڪرام ۽ نيڪ ماڻهن جي صبح جون ڪيفيتون ٻڌون ٿا:

پياري آقا جي پياري صبح

صحابي رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  فرمائن ٿا:  هڪ ڀيرو صبح جو وقت هيو، حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائين: کَیْفَ اَصْبَحْتَ یَا رَسُولَ اللہ! يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم !صبح ڪيئن ڪئي؟ ارشاد فرمايائون: بِخَیْرٍ مِّنْ رَّجُلٍ لَّمْ يُصْبِحْ صَائِمًا وَّ لَمْ یَعُدْ مَرِیْضًا وَّ لَمْ یَشْہَدْ جَنَازَۃً يعني منهنجي صبح ان شخص کان بهتر ٿي آهي جنهن نه ئي روزي جي حالت ۾ صبح ڪئي، نه مريض جي عيادت ڪئي ۽ نه ئي جنازي ۾ شريڪ ٿيو.[3]

سُبْحٰنَ اللہ!  ڪهڙي پياري صبح آهي...!! آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي هرهر ادا ئي نرالي آهي، هرهر موقعي تي اُمت جي راهنمائي ڪئي ويندي آهي، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڄڻ اسان کي ترغيب ڏياري آهي ته چڱي صبح  ان جي ٿيندي آهي


 

 



[1] تنبیہ الغافلین، باب ماقیل کیف یصبح الرجل، صفحہ:324۔

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:105۔

[3] الدعا للطبرانی،باب جواب من قال لاخیہ...الخ، جز:7، جلد:3،   صفحہ:1668، حدیث: 1938۔