Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم تفسير ٻڌڻ، ٻڌائڻ جو حلقو

      پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! پنهنجي اندر حسنِ سُلُوڪ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ 12 ديني ڪمن مان روزانو جو هڪ ديني ڪم ”تفسير ٻڌڻ، ٻڌائڻ جو حلقو“ به آهي۔ نمازِ فجر کان پوءِ مسجدن ۾ روزانو (3) آيتن جي تلاوت مع ترجَموڪنزالايمان ۽ تفسيرخزائنُ العرفان، تفسير نُورالعرفان يا تفسير صِرَاطُ الجِنَان، (درسِ فيضانِ سُنَّت)، منظوم شجره قادِريه رَضَويه عطاريه پڙھڻ ۽ ٻڌڻ جو معمول هوندو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه هن حلقي جي بَرَڪت سان مسجِد ۾ ويهڻ جو ثَواب حاصِل ٿيندو آهي، هن حلقي جي بَرَڪت سان تِلاوتِ قُرآن ڪرڻ ٻڌڻ جو شَرَف حاصِل ٿيندو آهي، قُرآنِ ڪريم کي ترجمي ۽ تفسير سان سمجھڻ جو بهترين موقعو ملندو آهي، اِشراق و چاشت جا نفل پڙھڻ جي سعادت حاصل ٿيندي آهي. بُزرْگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم جي ذِڪرِ خَير تي مُشتَمِل شَجَرو شريف پڙھڻ ٻڌڻ جو شَرَف حاصِل ٿيندو آهي ۽ بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰه ِ عَلَيهم اَجْمَعِين جي ذڪرِ خَير تي مُشْتَمِل هن مُبارَڪ شَجَري جي بَرَڪت سان ڪيئي عاشِقانِ رسول جون دعائون قبول ٿين ٿيون، مصيبتن ۽ پريشانين کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو آهي ۽ رُڪيل ڪم بڻجي ويندا آهن۔

اچو! تَرغِيب طور هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،

ويزائون ملي ويون

هڪ اسلامي ڀاءُ تقريباً 14سال کان ٻاهرين مُلڪ ۾ مُقِيم هو۔ انهن کي هڪ ڀيري پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي ضَرورت پئي۔ انهن ويزائن جي لاءِ ڪيئي ڀيرا درخواستون جمع ڪرايون پر ڪافي ڪوششن جي باوُجود ويزائون نه ملي سگھيون۔ مُلازم نه هئڻ جي ڪري انهن کي نقصان