Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ان کان پڇيو: تو ڪهڙي حالت ۾ صبح ڪئي؟ ته ان جواب ۾ (صرف ايترو) عرض ڪيو: چڱي حالت ۾، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان کان وري ساڳيو ئي سوال ڪيو، ان ٻيهر اهو ئي جواب ڏنو، ٽيون دفعو پڇڻ تي عرض ڪيائين: (مون) ڀلائي سان صبح ڪئي (۽ اُن الله پاڪ جي عنايت تي) مان الله پاڪ جي حمد بيان ڪيان ٿو. اُن تي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: مون اهو ئي (جواب) ٻڌڻ چاهيو ٿي.[1]

مروي آهي ته شدّاد بن اوس ۽ ابوعبدالله صَنَابحي رَضِىَ اللهُ عَنْهما هڪ ماڻهو جي عيادت جي لاءِ اُن وٽ تشريف کڻي ويا، ٻنهي حضرات ان کان پڇيو ته تو ڪهڙي حالت ۾ صبح ڪئي؟ ان جواب ڏنو أَصْبَحْتُ بِنِعْمَةٍ يعني مون الله پاڪ جي نعمتن جي سايي ۾ صبح ڪئي. حضرت شدّاد  رَضِىَ اللهُ عَنْه  ان کي فرمايو: (منهنجي طرفان) گناهن جي مٽجڻ ۽ خطائن جي ڇڻڻ جي خوشخبري وٺو. مون پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  کي فرمائيندي ٻڌو ته الله پاڪ فرمائي ٿو: جڏهن مان پنهنجي ٻانهن مان ڪنهن مومن ٻانهي کي تڪليف ۾ مبتلا ڪيان ۽ اهو ان حالت ۾ به منهنجي تعريف ڪري ته اهو پنهنجي بستر تان گناهن کان ايئن پاڪ ٿي اٿندو جيئن اَڄ ئي پيدا ٿيو هجي. (بيماري جي حالت ۾) الله پاڪ(جي حمد بيان ڪرڻ تي الله پاڪ ملائڪن کي چوندو) مون پنهنجي ٻانهي کي (بيماري ۾) قيد ڪيو(۽ تڪليف ۾) مبتلا ڪري آزمايو. (بيماري جي حالت ۾) جيڪي نيڪيون هي نه ڪري سگهيو حالانڪ تندرستي ۾ اهي ڪم هي ڪندو هو(ان جي نه ڪرڻ جي باوجود) ان جي لاءِ ان نيڪين جو ثواب لکو.[2]

حضرت ابراهيم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: صبح جي وقت ٻانهي تي لازم آهي ته هُو هن  چار ڳالهين جو شڪر ادا ڪري. (1) اَلْحَمْدُ ‌لِلَّهِ ‌الَّذِي ‌نَوَّرَ ‌قَلْبِي بِنُورِ الْهُدَى، وَجَعَلَنِي مِنَ الْمُؤْمِنِينَ، وَلَمْ يَجْعَلْنِي ضَالًّا


 

 



[1] الزہد لابن مبارک، باب ذکر رحمۃ اللہ ، صفحہ:280، حدیث:937۔

[2] مسند احمد،مسند الشامیین، جلد:7، صفحہ:127، حدیث:17583۔