Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

جي رسول هجڻ تي راضي آهيان.) ته ان جي لاءِ جنّت واجب ٿي ويندي آهي. [1]

حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو صبح جي وقت هيئن چئي ‌اَللَّهُمَّ ‌مَا اَصْبَحَ ‌بِيْ ‌مِنْ ‌نِعْمَةٍ، اَوْ بِاَحَدٍ مِّنْ خَلْقِكَ، فَمِنْكَ وَحْدَكَ لَا شَريكَ لَكَ، فَلَكَ الْحَمْدُ، وَلَكَ الشُّكْرُ

 (يعني اي الله! مون تي يا تنهنجي مخلوق مان ڪنهن تي جيڪا به نعمت آئي اها تنهنجي طرفان ئي آئي، تون اڪيلو آهين تنهنجو ڪو شريڪ ناهي، تنهنجي لاءِ حمد آهي ۽ تنهنجي لاءِ ئي شڪر آهي.) ته ڄڻ هن ان ڏينهن جي شڪر جو حق ادا ڪري ڇڏيو.[2]  

هڪ ٻي حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو صبح جي وقت (1 ڀيرو) هيئن چئي ته اَللّٰهُمَّ ‌إِنِّي ‌اَصْبَحْتُ أُشْهِدُكَ، ‌وَأُشْهِدُ ‌حَمَلَةَ ‌عَرْشِكَ، وَمَلَائِكَتَكَ، وَجَمِيعَ خَلْقِكَ إِنَّكَ أَنْتَ اللهُ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ، وَحْدَكَ لَا شَرِيكَ لَكَ، وَأَنَّ مُحَمَّدًا عَبْدُكَ وَرَسُولُكَ (يعني اي الله پاڪ! مون اهڙي حالت ۾ صبح ڪئي جو مان، توکي گواهه بڻايا ٿو، تنهنجو عرش کڻڻ وارن ملائڪن کي، تنهنجي ملائڪن، تنهنجي مخلوق کي هن ڳالھ تي گواهه بڻايا ٿو ته تون الله آهين توکان سواءِ ڪوبه معبود ناهي، تون اڪيلو آهين تنهنجو ڪو شريڪ ناهي، ۽ محمّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تنهنجا ٻانها ۽ رسول آهن) ته الله پاڪ ان ڏينهن اُن جو چوٿائي حصو جهنّم کان آزاد ڪري ڇڏيندو ۽ جيڪڏهن ان 4 ڀيرا هي الفاظ دهرايا ته اُن ڏينهن مڪمل جهنم کان آزاد ڪيو ويندو.  

پيارا اسلامي ڀائرو! هي صبح جي وقت جون ڪجھ بابرڪت ڪيفيتون ۽ ڪرڻ جا ڪجھ چڱا ڪم آهن...!! الله پاڪ اسان کي اهڙيون پياريون پياريون صبحُون ۽ پياريون پياريون نيڪين واريون شامون نصيب فرمائي.


 

 



[1] عمل یوم و الیلۃ للنسائی، ثواب من قال حین یصبح...الخ، صفحہ:135، حدیث:5

[2] ابو داود ، کتاب الادب، باب ما یقول اذا اصبح، صفحہ:792، حدیث:5073۔