Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

جي لاءِ ڏندڻ ڪندس * مشائخِ ڪرام فرمائن ٿا: جيڪو شخص ڏندڻ جو عادي هجي مرڻ وقت ان کي ڪلمو پڙهڻ نصيب ٿيندو * حضرت عبد الله ابن عباس رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُما کان روايت آهي ته ڏندڻ ۾ ڏھ (10) خوبيون (Qualities) آهن: وات صاف ڪندو آهي، گُڊن (Gums) کي مضبوط بڻائيندو آهي، نظر وڌائيندو، بلغم (Phlegm) ختم ڪندو آهي، وات جي ڌپ ختم ڪندو آهي، سنت جي موافق آهي، فرشتا خوش ٿيندا آهن، ربّ راضي ٿيندو آهي، نيڪي وڌائيندو ۽ معدو (Stomach) درست ڪندو آهي. * ڏندڻ ساڄي هٿ ۾ هن طرح پڪڙيو جو ننڍي آڱر ان جي هيٺيان ۽ وچ واريون ٽي آڱريون مٿي ۽ آڱوٺو چوٽيءَ تي هجي. * ڏندڻ جڏهن استعمال جي قابل نه رهي ته اڇلايو نه جو هيءُ سنّت ادا ڪرڻ جو آلو آهي، ڪنهن جڳھ تي احتياط سان رکي ڇڏيو يا دفن ڪري ڇڏيو يا پٿر وغيره وزن ٻڌي ڪري سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو.[1]

   ياد رهي! روزي جي حالت ۾ به ڏندڻ ڪرڻ سنّت آهي، البت ڏندڻ چٻاڙڻ سان جُزا جُدا ٿين يا مزو محسوس ٿئي ته اهڙو ڏندڻ نه ڪرڻ گهرجي.[2]

   مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.

 

 


 

 



[1]... 550 سنتیں اور آداب، صفحہ:47-50۔

[2]...فتاویٰ رضویہ،جلد:10،صفحہ:511۔