Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

گهوڙي وارا زيد ناهيو) بلڪ ڀلائي وارا زيد آهيو. پوءِ فرمايائون: پڇو ڇا پڇڻو اٿوَ؟ هاڻي اُن صحابي 2 نرالا سوال پڇيا، عرض ڪيائين: (1) اهو ٻانهو جيڪو الله پاڪ کي پسند آهي، ان جي نشاني ڪهڙي آهي؟ (2) ۽ ٻيو هي ته اهو ٻانهو جنهن کي الله پاڪ پسند ناهي فرمائيندو، اُن جي نشان ڪهڙي آهي؟

هي نرالا سوال هئا، قربان وڃجي! غيب جون خبرون ڄاڻڻ واري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم   جي علم تي..!! جهڙا سوال نرالا هئا، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جواب به نرالو ئي عطا فرمايو، ارشاد فرمايائون: کَیْفَ اَصْبَحْتَ  یَا زَید!  يعني اي زيد! تو صبح ڪهڙي حالت ۾ ڪئي؟ عرض ڪيائين: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم   ! صبح جو منهنجي اها حالت هئي جو * منهنجي دل ۾ نيڪي جي ۽ نيڪ ماڻهن جي محبت هئي * منهنجي دل چاهيو پئي ته مان چڱا ڪم ڪيان * پوءِ جيڪا نيڪي مون کان رهجي وئي، مان نه ڪري سگهيس، مون کي اُن تي ڏک ٿيو* ۽ جيڪا نيڪي مان ڪري سگهيس، چاهي اها ٿوري هئي يا گهڻي، مون کي اُن تي ثواب ملڻ جو يقين ٿي ويو.

(يعني هي ڪُل چار ڪيفيتون آهن: (1) نيڪي سان محبت (2) نيڪ ماڻهن سان محبت (3) نيڪ ڪم ڪرڻ جي چاهت (4) جيڪڏهن ڪا نيڪي نه ٿي سگهي ته اُن تي حسرت). رسولِ ذيشان، مڪي مدني سُلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  حضرت زيد رَضِىَ اللهُ عَنْه  جو جواب ٻڌي ڪري فرمايو: ہِیَ بِعَیْنِہَایَا زَیْد! يعني اي زيد! اهو ئي تنهنجي سوال جو جواب آهي، جيڪڏهن الله پاڪ جي خفيه تدبير تنهنجي باري ۾ ڪجھ ٻي هجي ها ته الله پاڪ اُن کان علاوه ڪم تنهنجي لاءِ آسان ڪري ڇڏي ها ۽ اُن کي ڪا پرواھ نه هئي ته تون ڪهڙي وادي ۾ هلاڪ ٿئين ٿو.[1]

 


 

 



[1] تبصرۃ الغافِل، صفحہ:283۔