Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

رهي هوندي آهي، پکي پنهنجي پنهنجي آکيرن مان نڪري ڪري هيڏانهن هوڏانهن اُڏامندي الله پاڪ جي تسبيح ڪري رهيا هوندا آهن، هر طرف هڪ تازگي پکڙيل هوندي آهي، هر طرف وڻندڙ ماحول هوندو آهي بلڪ اسان اهو چئي سگهون ٿا ته صبح جو وقت زندگي جي نئين شروعات جو وقت هوندو آهي، ننڊ مان اٿڻ جي جيڪا دُعا اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان منقول آهي، اُن دُعا تي ٿورو غور فرمايو! پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  دُعا پڙهندا هئا:

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ الَّذِیْۤ اَحْیَانَا بَعْدَ مَآ اَمَاتَنَا وَاِلَیْہِ النُّشُوْرُ

ترجمو: تمام تعريفون اُن الله پاڪ جي لاءِ جنهن موت کان پوءِ اسان کي زندھ ڪيو (يعني ننڊ کان پوءِ اٿڻ نصيب فرمايو) ۽ انهيءَ جي طرف موٽي وڃڻو آهي.[1]

   پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمننڊ مان جاڳڻ کي زندگي سان تعبير فرمايو. يعني جڏهن اسان ننڊ مان جاڳياسين ته ڄڻ اسان کي نئين زندگي ملي وئي. پوءِ هن دُعاءِ مصطفيٰ ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي پيارين پيارين ڪيفيتن کي ڏسو! پهريان ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي ننڊ کان ڪا برابري ٿي نٿي سگهي، اسان جي ننڊ غفلت واري هوندي آهي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي ننڊ به بي مثال هئي، باڪمال هئي، خود پاڻ  فرمائن ٿا: منهنجون اکيون سمهنديون آهن، دل ناهي سمهندي.[2] پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جڏهن آرامي هوندا هئا ته ننڊ جي حالت ۾ ڪڏهن الله پاڪ جو ديدار ٿيندو هو، ڪڏهن جنت جي سير ڪندا هئا، ڪڏهن دنيا جي رازن کي ملاحظه ڪندا هئا.

خُلد کی سیر، تو کبھی  ربّ کا دیدار                                                                                    کیا بے مثالی نیند ہے آپ کی

آنکھیں سوتی ہیں، دل جاگتا ہے                                                                       کیا بے مثالی نیند ہے آپ کی


 

 



[1] بخاری، کتاب الدعوات، باب مایقول اذا نام، صفحہ:1560، حدیث:6312۔

[2] بخاری، کتاب التھجد، باب قیام النبی صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم بالیل ...الخ، صفحہ:332، حدیث:1147 ۔