Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

حديث پاڪ ته اسان ڪيئي ڀيرا ٻُڌي هوندي پر اُن تي عَمل به ڪيون ٿا يا نه، هي الله پاڪ ئي بهتر ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن نٿا ڪيون ته ذهن بڻائڻ گهرجي، آخر اُن  ۾ ڪيترو ٽائم لڳي ٿو، مفت جو ثواب آهي ۽ اهو به ٿورو نه بلڪه مقبول حج جو ثواب آهي. لهٰذا والدين اسان جي جنت آهن، صبح ۽ شام، ڏينهن رات، جڏهن دل ڪري، والدين جي پيار سان زيارت ڪيو! ها ايترو خيال رهي ته جڏهن والدين جي پيار سان زيارت ڪري رهيا هجو، اُن وقت چڱي نيت ضرور ڪيو! مثلاً هن حديث پاڪ تي عمل ڪري رهيو آهيان، هي نيّت ڪري زيارت ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ! مقبول حج جو ثواب نصيب ٿيندو.   

ماءُ ۽ پٽ جو پيار ڀريو انداز

حضرت اَبُوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ وڏا مشهور صحابي رسول ٿي گذريا آهن. سندن انداز ڏاڍو پيارو هو. سندن جڏهن سَفر تي روانا ٿيڻ لڳندا هئا ته پنهنجي والده جي گهر حاضر ٿيندا هئا، دروازي تي بيهي چوندا هئا: اَلسَّلَامُ عَلَيْكِ يَا أُمَّتَاهُ وَرَحْمَةُ اللَّهِ وَبَرَكَاتُهُ يعني اَمڙ سائڻ! اوهان تي الله پاڪ جي طرفان سلامتي، رحمت ۽ برڪتون نازل ٿين. جواب ۾ سندن والده چونديون هيون: وَعَلَيْكَ السَّلَامُ يَا بُنَيَّ وَرَحْمَةُ اللَّهِ وَبَرَكَاتُهُ اي پٽ! اوهان تي به الله پاڪ جي طرفان سلامتي، رحمت ۽ برڪتون نازل ٿين. پوءِ حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ چوندا هئا: الله پاڪ اوهان تي رحم فرمائي جو اوهان ننڍپڻ ۾ منهنجي پرورش فرمائي. سندن والده جواب ۾ چونديون هيون: الله پاڪ اوهان تي به رحم فرمائي جو جهڙي طرح اوهان پوڙهائپ ۾ منهنجو خيال رکي رهيا آهيو.)[1](

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته ادا آهي...!! تَصوُّر ڪيو! جڏهن حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ايئن پيار ڀري انداز ۾ پنهنجي والده جو شڪريو ادا ڪندا هوندا ته سندن والده محترمه کي ڪيترو سڪون ملندو هوندو..!! يقيناً اسان جي والدين جا اسان تي کوڙ احسان


 

 



[1] ادب المفرد، باب جزاء الوالدین، صفحہ:16، حدیث:12۔