Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

حج جو ثواب ڏيارڻ وارا عمل

الله پاڪ اسان کي هر سال حج جي سعادت نصيب فرمائي. هي ڳالھ ياد رکو ته جنهن تي حج فرض آهي، ان تي حج ئي ڪرڻ لازم آهي، ڪو ٻيو ڪم، ان جي قائم مقام نٿو ٿي سگهي، البت! هي به پنهنجي جڳھ هڪ حقيقت آهي ته حج عشق جو سفر آهي، فرض هجي يا نه هجي، عاشقن جون دليون ان مبارڪ سفر جي  لاءِ  تڙپنديون آهن، ڪيترا اهڙا آهن جيڪي ويچارا حج جي لاءِ قافلا ويندي ڏسي ڪري اُداس ٿي ويندا آهن، اکين مان لڙڪ لاڙيندي حسرت وچان چوندا آهن:

حاجیوں کے بن رہے ہیں قافلے پِھر یانبی!                          پِھر نظر میں پِھر گئے حج کے مناظِر یانبی!

آہ! پلّے زَر نہیں، رختِ سَفَر سرور نہیں                                    تم بُلا لو! تم بُلانے پر ہو قادِر یانبی!

 غم کے بادَل چھا رہے ہیں، آہ! میرے قلب پر          حاضِری کی دو اجازت مجھ کو تم پِھر یانبی! ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! هي واقعي حقيقت آهي جيڪي عاشق آهن، اهي حج جي سفر جي لاءِ تڙپندا به آهن، روئندا ۽ ڳوڙها به ڳاڙيندا آهن. ڪاش! اسان سڀني کي هي شوق، هي ذوق، حج جي سفر جي لاءِ سچي طلب نصيب ٿي وڃي.

بهرحال! جن خوش نصيبن کي هن سال حج جي سفر جي سعادت ملي رهي آهي، انهن جو مقام، انهن جو رتبو، انهن جي خوش بختي جدا آهي. البت اهي ماڻهو جيڪي حج جو شوق رکن ٿا پر وڃڻ جي طاقت نٿا رکن، اَلحَمۡدُلله! اسان جي پياري پياري دينِ اسلام انهن کي به محروم ناهي ڇڏيو، اسان جي پياري آقا و موليٰ اسان سان محبت فرمائڻ واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهڙا کوڙ سارا عمل اسان کي ٻڌايا آهن، جن کي اپنائي ڪري اسان حج جو ثواب حاصل ڪري سگهون ٿا. اچو! حج جو ثواب ڏيارڻ وارن ڪجھ نيڪ عملن جي باري ۾ ٻڌون ٿا:


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:376۔