Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

(1) ذڪرالله ڪرڻ

حديث پاڪ ۾ آهي، صحابي رسول حضرت ابودرداء رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو اسان بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ذَہَبَ الْاَغْنِیَاء بِالْاَجْرِ يعني اي الله پاڪ جا پيارا رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اهلِ ثَرۡوت (جن کي مال دولت جي ڪثرت عطا ٿي آهي) اهي ثواب ڪمائڻ ۾ اسان کان اڳتي نڪري ويا. (اهو ڪيئن؟ عرض ڪيائون:) یَحُجُّوْنَ وَلَانَحُجُّ اهي حج ڪن ٿا، اسان حج نٿا ڪري سگهون، اهي فلاڻي فلاڻي مالي عبادت ڪن ٿا، اسان (ڇوته مالي لحاظ سان ڪمزور آهيون، لهٰذا) اسان اها مالي عبادت نٿا ڪري سگهون.

هاڻي هي صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جو خوبصورت شوق ڏسو! حاجي حج جي لاءِ ويندا آهن، هي مالي طاقت نه هجڻ جي ڪري نٿا وڃي سگهن ته تڙپي رهيا آهن ته يارسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اهي حج جي لاءِ هليا ويا، اسان رهجي وياسين...!! سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم کي فرمايو: ڇا مان توهان کي اهڙي شيءِ نه ٻڌايان جو جيڪڏهن توهان اُن تي عمل ڪيو ته جيڪا فضيلت اُنهن (حج ۽ ٻي مالي عبادت ڪرڻ وارن) کي ملندي آهي، اُن کان به وڌيڪ فضيلت توهان کي حاصل ٿي وڃي. پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهڙي فضيلت واري نيڪي ٻڌائيندي فرمايو: هر نماز کان پوءِ 34 ڀيرا اللهُ اڪبر، 33 ڀيرا سُبۡحٰنَ الله 33 ڀيرا اَلحَمۡدُلله پڙهندا ڪيو...!!)[1](

 سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث شريف ۾ اسان جي لاءِ سکڻ جا 2 سبق آهن (1) صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جي نرالي، نيڪين واري سوچ ڏسو! * مالدار کاڌو چڱو کائيندا آهن، اُن تي انهن کي رشڪ ناهي* مالدار لباس چڱو پائيندا آهن، ان تي انهن کي رشڪ ناهي،* مالدارن جا گهر بهترين آهن، اُن تي به رشڪ ناهي.*  


 

 



[1] سنن الکبریٰ للنسائی، جلد:9، صفحہ:65، حدیث:9902۔