Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

ڏيڻ جي لاءِ بازار ۾ تشريف کڻي ويندا هئا. *مختلف قبيلن ۾ وڃي ڪري نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا. *دعوت اسلامي وارا عاشقانِ رسول به هن پياري ادا کي ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن *گهر گهر، دڪان دڪان وڃي ڪري نيڪي جي دعوت ڏيندا آهن. * ماڻهن کي مسجد ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي. * نمازن جي ترغيب ڏياري ويندي آهي. اسان ان کي علاقائي دورو چوندا آهيون.

شرابي مدني قافلي جو  مُسافر بڻجي ويو

عاشقانِ رسول جو هڪ مدني قافلو ڪَپڙوَنج (گجرات، هنڌ) پهتو، قافلي جا شريڪ اسلامي ڀائر علاقائي دورو ڪرڻ جي لاءِ مسجد کان ٻاهر تشريف کڻي ويا، علاقائي دوري دوران هڪ شرابي تي انفرادي ڪوشش ڪئي وئي، اَلحَمۡدُلله! اهو شرابي مدني قافلي وارن سان مسجد جي طرف هلي پيو، اسلامي ڀائر ان سان ايتري قدر اخلاق سان پيش آيا جو هُو 6 ڏينهن تائين مدني قافلي وارن سان رهيو، علاقائي دوري جي برڪت ۽ عاشقانِ رسول جي صحبت جي سبب ان گناهن کان توبھ ڪئي. ڏاڙهي مبارڪ وڌائي، عمامي شريف جو تاج به مٿي تي سجايو. هاڻي وڌيڪ اهو اسلامي ڀاءُ 92 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جو خواهش مند هو پر... افسوس...!! پيسا نه هجڻ ڪري قافلي ۾ نه وڃي سگهيو، هڪ ڏينهن سندن هڪ رشتيدار جي ان سان ملاقات ٿي هڪ معاشري جي بدڪردار انسان کي جڏهن ديني ماحول سان وابسته ڏٺو ته دنگ رهجي ويو، وڌيڪ جڏهن انهن کي مدني قافلي ۾ نه وڃي سگهڻ جي ڳالھ ٻڌائي وئي ته اُن رشتيدار چيو: پيسن جي فڪر نه ڪر. 92 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جو خرچ مون کان وٺجو ۽ گڏوگڏ 92 ڏينهن تائين گهر جا اخراجات به مان پنهنجي ذمي کڻان ٿو، ايئن اهو ديوانو 92 ڏينهن جي لاءِ مدني قافلي جو مسافر بڻجي ويو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد